Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

 

 ٿيندي آهي. (14) الله پاڪ جي ناراضگي کان امن ملندو آهي.(15) عرش جي ڇانوَ جي هِيٺ جڳھ ملندي. (16) مِيزان ۾ نيڪين جو پُڙ وزني ٿيندو. (17) حوضِ ڪوثر تي حاضري جو موقعو ميّسر ايندو. (18) قيامت جي اُڃ کان محفوظ ٿي ويندي. (19) جهنم جي باھ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي. (20) پُل صراط تي هلڻ آسان ٿيندو. (21) مرڻ کان اڳ ۾ جنت جي جڳھ ڏسي وٺندي. (22) دُرود شريف تنگدست جي حق ۾ صدقي جي قائم مقام ٿيندو. (23) درود شريف سمورو پاڪيزگي ۽ طهارت آهي. (24) دُرود شريف جي پڙهڻ سان مال ۾ برڪت ٿيندي آهي. (25) هن جي ڪري (100) بلڪ ان کان به وڌيڪ حاجتون پوريون ٿينديون آهن. (26) هي هڪ عبادت آهي. (27) دُرود شريف الله تعاليٰ جي نزديڪ پسنديده عملن مان آهي. (28) دُرود شريف مَجۡلِسن (محفلن) جو سينگار آهي. (29) دُرودشريف سان غربت ۽ فقۡر دور ٿيندو آهي. (30) زندگيءَ جي تنگي دور ٿي ويندو آهي. (31) هن جي ذريعي خير جون جايون ڳوليون ويندون آهن. (32) اهو به فائدو حاصل ڪندو جنهن کي دُرود شريف جو ثواب پهچايو ويو. (33) الله پاڪ ۽ ان جي رسولِ ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو قرب نصيب ٿيندو. (34) نفاق (منافقت) ۽ زنگ کان دل پاڪ ٿي ويندي آهي. (35)  خواب ۾ حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿيندي آهي. (36) دُرود شريف پڙهڻ واري ٻين جي غيبت کان محفوظ رهندي آهي. (37) دُرود شريف سمورن عملن کان وڌيڪ برڪت وارو ۽ افضل عمل آهي. (38) دُرود شريف دينِ ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نفع بخش (يعني فائدو ڏيڻ وارو) آهي.

الله ڪريم اسان کي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين. (صراط الجنان،۸/۸۱)

کربلا والوں کا صدقہ یانبی!

دُور ہوں رَنج و اَلَم چشمِ کرم

وردِ لب ہر دم دُرودِ پاک ہو

یا شہِ عرب و عجم! چشمِ کرم