Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

خاصيتون ۽ معلومات سان ڀرپور مدني گل به بيان ڪيا ويندا. ڪاش! پورو بيان سٺين سٺين نيتن سان گڏ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان! دُرودِ پاڪ ڪيترو بهترين وظيفو آهي جو اُن جي برڪت سان ماڻهن جي اکين جي آڏو جهنم جي آزاديءَ جو اجازت نامو اچي ويو، جن ماڻهن مدني آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي هيءَ برڪت پنهنجين اکين سان ڏٺي هوندي، ته يقيناً انهن جو به دُرود ۽ سلام پڙهڻ جو ذِهن بڻيو هوندو. لِهذا خاص ڪري پريشان حال ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل اسلامي ڀينرن کي گهرجي ته اُهي اٿندي ويهندي، هَلندي ڦِرندي هر وقت آقا، مَدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي وڌ کان وڌ درود شريف پڙهڻ جي عادت بڻائن بلڪ ان کي پنهنجو وظيفو بڻائي ڇڏين. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه درودِ پاڪ جي فضيلتن تي مشتمل ڪيتريون ئي ڪتابون لکجي چڪيون آهن، وقت به وقت عالم سڳورا به ان جا فضائل ۽ ثمرات ۽ ان جون برڪتون بيان فرمائيندا رهندا آهن. اَچو! وڌيڪ ٻڌو ٿيون ته جيڪا اسلامي ڀيڻ دُرودِ پاڪ جي ڪَثرت ڪندي ان کي ان جون ڪهڙيون ڪهڙيون بَرڪتون ملنديون، جِيئن ته

 

 (1) جيڪا خوش نصيب اسلامي ڀيڻ رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي دُرودِ پاڪ موڪليندي آهي، ان تي الله تعاليٰ، ملائڪ سڳورا ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ دُرود موڪليندا آهن. (2) دُرود شريف خَطائن جو ڪفارو بڻجي ويندو آهي. (3) درودُ شريف سان عمل پاڪيزه ٿي ويندا آهن. (4) دُرود شريف سان درجا بُلند ٿيندا آهن. (5) گناهَن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي. (6) دُرود شريف موڪلڻ واريءَ جي لاءِ دُرود شريف پاڻ اِستغفار ڪندو آهي. (7) ان جي عمل نامي ۾ اجر (ثواب) جو هڪ قيراط  لکيو ويندو آهي، جيڪو اُحد جبل جي مِثۡل هوندو آهي. (8) دُرود پڙهڻ واريءَ کي اجر (ثواب) جو پورو پورو حصو ملندو. (9) دُرود شريف دنيا ۽ آخرت  جي تمام ڪمن جي لاءِ ڪافي آهي (10) مُصِيبتن کان نجات ملي ويندي آهي. (11) جيڪا درود پڙهي ان جي دُرود پاڪ جي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گواهي ڏيندا. (12) ان جي لاءِ شفاعت واجب ٿي ويندي آهي. (13)  دُرودِ پاڪ سان الله تعاليٰ جي رضا ۽ ان جي رحمت حاصل