Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
برابر آهي، جنهن کي نظر لڳي هجي، اُن تي سُوْرَۃُالْعٰدِیٰت جو دم مفيد آهي، سُوْرَۃُ الْقارِعَہ پڙهڻ سان بلائن کان حفاظت رهندي آهي، سُوْرَۃُالتَّکَاثُر کي 300 ڀيرا پڙهڻ سان تمام جلد قرض اَدا ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ الْعَصْر پڙهڻ سان غم دور ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ الْھُمَزَہ ۽ سُوْرَۃُالْفِیْل دشمن جي شر کان حِفاظَت ۽ سُوْرَۂ قُریش جان جي حِفاظت جي لاءِ مجرب آهي، سُوْرَۃُالْماعُوْن وڏي مشڪل جي وقت پڙهڻ گهڻو مفيد آهي، سُوْرَۃُالْکَوثَر جي تلاوت سان بي اولاد، کي اولاد ملي ويندي آهي، سُوْرَۃُ الْکافِرون چوٿائي قرآن جي برابر آهي، سُوْرَۃُ الْاِخْلاص ٽهائي قرآن جي برابر آهي، هن جا ڪيترائي فضائل آهن، سُوْرَۃُ الْفَلَق ۽ سُوۡرَۃُ النَّاس سان جنن ۽ شيطانن ۽ حاسدن جي شر کان حِفاظت رهندي آهي. (جنتی زیور،ص۵۸۸)
اي ڪاش! اسان سڀ اسلامي ڀينرن کي تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان قرآني سورتن جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل ۽ برڪتون آهن، لهٰذا روزانو ڪم از ڪم هڪ سيپارو يا جيترو ممڪن ٿي سگهي تلاوتِ قرآن جو معمول بڻائي ڇڏيو، جيڪڏهن قرآن پڙهڻ نٿو اچي ته عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت اسلامي ڀينرن جي لڳڻ واري مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪجھ ئي عرصي ۾ درست قرآن پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي شرعي مسئلن جي به ڄاڻ نصيب ٿيندي. مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙهڻ تي استقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو.