Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! قرآنِ پاڪ جي هر سورت جي پنهنجي ئي فضيلت، خاصيت ۽ شان آهي جيڪا جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ، رنج ۽ غم مٽائي ڪري دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ ۽ مرض کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اچوته ! ترغيب جي لاءِ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”جنتي زيور“ مان قرآنِ پاڪ جي ڪجھ سورتن جا فضائل ۽ خاصيتون ۽ فائدا ٻڌون ٿيون. جيئن ته
قرآني سورتن جا فضائل ۽ خاصيتون ۽ فائدا
٭ سُوۡرَۃُ الْفاتِحَہ 100 ڀيرا پڙهي ڪري جيڪا دُعا گهري وڃي، قبول ٿيندي آهي، v سُوْرَۃُ الْبَقَرہ جي تلاوت سان شيطان گهر مان ڀڄي ويندو آهي آیَۃُ الْکُرسی پڙهڻ سان محتاجي دور ٿي ويندي آهي. ٭ سُوْرَۃُ الْکَہْف کي هميشه پڙهڻ سان دجَّال جي فتنن کان حفاظت ٿيندي، ٭ سُورةُ الدُّخان پڙهڻ سان مشڪل دور ٿي ويندي آهي، ٭ سُوْرَۃُ الحُجُرات جو پڙهڻ ۽ دم ڪري پيئڻ گهر ۾ خير ۽ برڪت جي لاءِ مفيد آهي، سُوْرَهٔ قٓ پڙهڻ سان باغ ۾ ميون جي ڪثرت ٿيندي آهي، سُوْرَۃُ الرَّحْمٰن 111 مرتبا پڙهڻ سان تمام مقصد پورا ٿي ويندا آهن، سُوْرَۃُالْواقِعَہ روزانو پڙهڻ سان اُن کي ڪڏهن به فاقو نه ٿيندو، سُوْرَۃُ الْمُلْک کي هر رات پڙهڻ سان عذابِ قبر کان حفاظت ٿيندي، سُوْرَۃُالْمُزَّمِّل 111 مرتبا پڙهڻ سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي آهي، سُوْرَۃُالنّٰزِعٰت پڙهڻ سان سڪرات جي تڪليف نه ٿيندي، سُوْرَۂ اَلَمۡ نَشۡرَح کي جنهن مال تي پڙهيو وڃي، اُن ۾خوب برڪت ٿيندي، سُوْرَۃُالتِّیْن 3 ڀيرا پڙهڻ سان اخلاق ۽ ڪردار بهترين ٿيندا آهن، سُوْرَۃُ الْعَلَق ۾ جوڙن جي سور جو علاج آهي، سُوْرَۃُالْقَدۡر جيڪو صبح ۽ شام پڙهي، الله پاڪ اُن جي عزت وڌائي ڇڏيندو، سُوْرَۃُ الْبَیِّنَہ ڪوڙھ ۽ يرقان جو علاج آهي، سُوْرَۃُ الزِّلْزال چوٿائي قرآن جي