Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
پريشانين ۽ بيمارين کان نجات ڏيارڻ ۾ فائديمند آهن، اهڙي طرح قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ به پريشانين ۽ بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين وظيفو آهي، تِلاوتِ قرآنِ پاڪ جي برڪت ۽ الله پاڪ جي رحمت سان اسان جا ڪيئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جيئن ته
هڪ شخص مَڪِي مدني سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حلۡق (ڳلي) ۾ درد جي شڪايت ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايايو: قرآن پڙهڻ اختيار ڪر. (شعب الایمان،۲/۵۱۹، حدیث:۲۵۸۰)
اهڙي طرح هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: منهنجي سيني ۾ تڪليف آهي. ارشاد فرمايائين قرآن پڙهو، الله پاڪ فرمائي ٿو: وَشِفَآءٌ لِّمَافِی الصُّدُوْرِ (پ۱۱،یونس:۵۷) (ترجمو: ۽ دلين جي صحت). (تفسیردرمنثور،يونس،تحت الآيه : ۵۷ ،۴/۳۶۶) بلڪ قرآنِ ڪريم ته مختلف بيمارين جي بهترين دوا به آهي. جيئن ته
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: خَیْرُالدَّوَاءِ اَلْقُرْاٰنُ يعني بهترين دَوا قرآنِ ڪريم آهي. (ابن ماجہ،كتاب الطب،باب الاستشفاء بالقرآن،۴/۱۱۶،حدیث:۳۵۰۱)ه
حضرت علامه عبد الرَّؤف مُناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي تحت لکن ٿا: يعني بهترين تعويذ اُهو آهي، جيڪو ڪنهن قرآني آيت جي ذريعي سان ڪيو وڃي، جيئن ته
سيپاري 15 سورة بني اسرائيل جي آيت نمبر 82 ۾ ارشاد آهي:
وَ نُنَزِّلُ مِنَ الۡقُرۡاٰنِ مَا ہُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحۡمَۃٌ لِّلۡمُؤۡمِنِیۡنَ ۙ
ترجمو: ۽ اسان قرآن ۾ نازل ڪريون ٿا اها شيءِ جيڪا ايمان وارن جي لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.
پوءِ قرآنِ مجيد دل، بدن ۽ روح سڀ جي لاءِ دوا آهي. جڏهن ڪجھ ڪلامن جون به خاصيتون ۽ فائدا هوندا آهن، ته پوءِ ربِّ ڪريم جي ڪلام جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي، جنهن جي فضيلت ٻين ڪلامن تي اهڙي آهي، جيئن الله پاڪ جي سندس مخلوق تي. قرآنِ پاڪ ۾ ڪجھ اهڙيون آيتون آهن جيڪي خاص مرضن ۽ مصيبتن جي خاتمي جي لاءِ آهن، انهن آيتن جي سڄاڻپ خاص ماڻهن کي هوندي آهي. (فیض القدیر،٣/٦٢٨)