Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

 

 جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو. ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو. ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دورو“ به آهي جنهن جي ذريعي اسلامي ڀينرن کي گهر گهر وڃي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي. هفتي جو ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪري جڳهه بدلي بدلي”مدني دوري“ جي ذريعي نيڪي جي دعوت جي سعادت حاصل ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ 7 اسلامي ڀينرون (جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏي عمر واري ضرور هجي) پنهنجي ذيلي حلقي يا حلقي جي اطراف ۾(پردي جي احتياط سان گڏ ) گهر گهر وڃي 72 منٽ”مدني دوري“ جي ترڪيب بڻايو. ۽ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو اچو دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي جي هڪ مدني بهار ملاحظه ڪريو جيئن ته

سنتن ڀري اجتماع ۾ وڃي پهتي

  پنجاب ۾ مقيم هڪ اسلامي ڀيڻ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان نوان نوان فيشن ڪرڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بي پردگي جهڙن گناهن ۾ گرفتار هئي، غصو ۽ چڙچڙاهٽ به ان جي عادتن ۾ شامل هو. ان جي زندگي ۾ مدني انقلاب ڪجهه هن طرح پيدا ٿيو جو هڪ ڏينهن دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀيڻ ان کي نيڪي جي دعوت ڏني ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي دعوت اسلامي جي تحت ٿيڻ واري اسلامي ڀينرن جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جو ذهن ڏنو. هُن جي زبان ۾ اهڙي تاثير هئي جو هيءَ انڪار نه ڪري سگهي ۽ دعوت اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ وڃي پهتي. تلاوت ۽ نعت شريف کان بعد ٿيڻ وارو سنتن ڀريو بيان وڏو دل کي وڻندڙ ۽ تاثير وارو هو ۽ ان کان بعد روئي ڪيون ويندڙ رقت انگيز دعائن ان کي گهڻو متاثر ڪيو. هن اجتماع ۾ شرڪت کان پهريان مَعَاذالله هوءَ بي پردگي جهڙي گناهه ۾ گرفتار هئي، پراَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان انهن مدني برقعو سجائي ورتو ۽ اڃان تائين اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه استقامت حاصل آهي.   

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                      صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! جهڙي طرح تعويذ ۽ وظائف مصيبتن،