Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حڪايت مان اسان کي ٻه مدني گل حاصل ٿيا: (1) الله جا نيڪ ٻانها الله جي عطا سان ماڻهن جي مدد فرمائيندا آهن، الله وارا الله پاڪ جا محبوب ۽ مقرب ٻانها هوندا آهن، الله وارا الله پاڪ جي عطا سان بااختيار هوندا آهن، الله وارن وٽ الله پاڪ جي عطا سان الله پاڪ جي نعمت جا خزانا هوندا آهن، (2) ٻيو مدني گل هي مليو ته الله وارن جي ٻڌايل اوراد ۽ وظائف جون تمام گهڻيون برڪتون آهن، ڪجھ عورتن کي عمليات جون ڪتابون هٿ اچي ويندون آهن ته پوءِ اهي بغير سوچيندي ان عمليات تي عمل شروع ڪري ڏينديون آهن ان ڪري اهڙيون عورتون سخت آزمائش ۾ وڃي پونديون پوءِ اهڙين جي متعلق هر ايندڙ ڏينهن خبرون (News) ٻڌڻ جي لاءِ ملنديون آهن ته فلاڻي جو دماغ ڦاٽي پيو، فلاڻي چري ٿي وئي وغيره. لهٰذا ڪتابن ۽ پنهنجي ناقص عقل تي اعتماد ڪرڻ جي بجائي هميشه مُسۡتَند وظيفا ئي پڙهڻ جي ترڪيب بڻائڻ گهرجي.
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! موجوده دور ۾ امير اهلِ سنت حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي صورت ۾ هڪ ڪامل ۽ اڪمل عامل، عالم ۽ پيرِ ڪامل موجود آهن پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا عطا ڪيل تعويذات ۽ وظائف نهايت اثر رکندڙ هوندا آهن.
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اميراهلسنت مسلمانن جي خيرخواهي جي عظيم جذبي جي تحت مشهور قرآني سورتن، دُرودن، روحاني ۽ طبي علاجن ۽ خوشبودار مدني گلن جو دلچسپ مدني گلدستو ”مدني پنج سورو“، علاج جي گهريلو نسخن تي مشتمل مدني گلدستو ”گهريلو علاج“ ۽ الله ڪريم جي مبارڪ نالن جي برڪتن سان معمور رسالو ”چاليھ روحاني علاج پڻ طبي علاج“ جا تحفا اُمت کي عطا فرمايا آهن. لِهذا هنن ڪتابن ۽ رسالن کي بستي تان هديو ڏئي طلب ڪيو.
8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’مدني دورو‘‘
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!مصيبتن، تڪليفن، پريشانين، بيمارين، ۽ لاعلاج سجهيو ويندڙ مرضن کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول