Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

 

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اوراد ۽ وظائف جون برڪتون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرت سَيّد محمود ڪُردي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: منهنجي امڙ سائڻ مونکي خبر ڏني ته منهنجي والدِ ماجد (يعني حضرتِ  سيّد محمود ڪُردي جا نانا جان) جنهن جو نالو محمد هو، انهن مونکي وصيت ڪئي هئي ته جڏهن منهنجو انتقال ٿي وڃي ۽ غسال مونکي غسل ڏئي ڇڏي ته ڇت مان منهنجي ڪفن تي هڪ سبز رنگ جو ڪاغذ (Paper) ڪرندو جنهن ۾ لکيل هوندو ھٰذِہٖ بَرَاءَ ۃُ مُحَمَّدِنِ العَالمِِ بِعِلْمِہٖ مِنَ النَّار يعني محمد جيڪو عالِم آهي، ان کي عِلم جي سبب جهنم کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.“ ان ڪاغذ کي منهنجي ڪفن ۾ رکي ڇڏجانءِ. بهرحال غسل کان بعد اهو ڪاغذ ڪريو، جڏهن ماڻهن ڪاغذ پڙهي ڇڏيو ته مون ان کي ان جي سيني تي رکي ڇڏيو. ان ڪاغذ جي هڪ خاص ڳالھ هيءَ هئي ته جهڙي طرح صفحي جي مٿان کان پڙهيو ويندو هو، اهڙي طرح صفحي جي پٺيان کان به پڙهيو ويندو هو. مون پنهنجي امڙ سائڻ کان پڇيو ته نانا جان جو عمل ڪهڙو هو؟ امڙ سائڻ ٻڌايو: کَانَ اَ کْثَرُ عَمَلِہٖ دَوَامُ الذِّکْرِمَعَ کَثْرَۃِ الصَّلٰوۃِ عَلَی النَّبِی يعني انهن جو هي عمل هو ته اهي هميشه ذِڪرُالله ڪرڻ سان گڏوگڏ دُرودِ پاڪ جي به ڪثرت ڪندا هئا.“

(سعادَۃ الدارین، الباب الرابع ،اللطیفۃ السادسۃ والتسعون، ص۱۵۲)

میری زبان تر رہے ذِکر و دُرُود  سے

بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فضول