Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

 

   ”تفسير صراط الجنان“ جلد 8 صفحي نمبر 81 تي لکيل آهي ته (1) جيڪو خوش نصيب رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي دُرودِ پاڪ موڪليندو آهي، ان تي الله تعاليٰ، ملائڪه سڳورا ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ دُرود موڪليندا آهن. (2) دُرود شريف خَطائن جو ڪفارو بڻجي ويندو آهي. (3) درودُ شريف سان عمل پاڪيزه ٿي ويندا آهن. (4) دُرود شريف سان درجا بُلند ٿيندا آهن. (5) گناهَن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي. (6) دُرود شريف موڪلڻ واري جي لاءِ دُرود شريف پاڻ اِستغفار ڪندو آهي. (7) ان جي عمل نامي ۾ اجر (ثواب) جو هڪ قيراط  لکيو ويندو آهي، جيڪو اُحد جبل جي مِثۡل هوندو آهي. (8) دُرود پڙهڻ واري کي اجر (ثواب) جو پورو پورو حصو ملندو. (9) دُرود شريف ان شخص جي لاءِ دنيا ۽ آخرت  جي تمام ڪمن جي لاءِ ڪافي ٿي ويندو جيڪو پنهنجي وظيفن جو سمورو وقت دُرود شريف پڙهڻ ۾ گذاري ٿو. (10) مُصِيبتن کان نجات ملي ويندي آهي. (11) ان جي دُرود پاڪ جي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گواهي ڏيندا. (12) ان جي لاءِ شفاعت واجب ٿي ويندي آهي. (13)  دُرودِ پاڪ سان الله تعاليٰ جي رضا ۽ ان جي رحمت حاصل ٿيندي آهي. (14) الله پاڪ جي ناراضگي کان امن ملندو آهي.(15) عرش جي ڇانوَ جي هِيٺ جڳھ ملندي. (16) مِيزان ۾ نيڪين جو پُڙ وزني ٿيندو. (17) حوضِ ڪوثر تي حاضري جو موقعو ميّسر ايندو. (18) قيامت جي اُڃ کان محفوظ ٿي ويندو. (19) جهنم جي باھ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. (20) پُل صراط تي هلڻ آسان ٿيندو. (21) مرڻ کان اڳ ۾ جنت جي جڳھ ڏسي وٺندو. (22) جنت ۾ ڪيتريون ئي زالون ملنديون. (23) دُرود شريف پڙهڻ واري کي ويھ (20) غزوات کان به وڌيڪ ثواب ملندو. (24) دُرود شريف تنگدست جي حق ۾ صدقي جي قائم مقام ٿيندو. (25) درود شريف سمورو پاڪيزگي ۽ طهارت آهي. (26) دُرود شريف جي پڙهڻ سان مال ۾ برڪت ٿيندي آهي. (27) هن جي ڪري (100) بلڪ ان کان به وڌيڪ حاجتون پوريون ٿينديون آهن. (28) هي هڪ عبادت آهي. (29) دُرود شريف الله تعاليٰ جي نزديڪ پسنديده عملن مان آهي. (30) دُرود شريف مَجۡلِسن (محفلن) جو