Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

ڪيو، الله پاڪ جا خاص ٻانها بڻجي ويندؤ. (اعرا بی کے سوالات اورعربی آقا کے جوابات،ص۳) ٭  حضرت سيدنا سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جن فرمايو: مرغ چوندو آهي: اُذْکُرُوااللہَ یَاغَافِلِیْن يعني اي غافلو! الله پاڪ جو ذڪر ڪريو. (فیض القدیر،۱ /۴۸۸،تحت الحدیث: ۶۹۵) ٭  دُرود شريف پڙهڻ دراصل پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ دعا گهرڻ جي هڪ بهترين ترڪيب آهي. (گلدسۃ درودوسلام ،ص۲۲ملخصا) ٭ دُرود ۽ سلام الله پاڪ ۽ اُن جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا جو سبب آهي. (گلدسۃ درود و سلام ،ص۱۲ملخصاً)  ٭  حصول برڪت ۽ حضور سراپا نور، شاھِ غيور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قربت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪثرتِ دُرود ۽ سلام کان وڌيڪ ڪوبه ذريعو ناهي. (گلدسۃ درود و سلام،ص۱۷ملخصاً) ٭ دُرود پاڪ دعا جي قبوليت جو سبب آهي. ٭ دُرودِ پاڪ تمام پريشانين کي دور ڪرڻ جي لاءِ ۽ تمام حاجتن جي پوري ٿيڻ جي لاءِ ڪافي آهي. (تفسیردرمنثور،پ۲۲،الاحزاب،تحت الآیۃ۵۶،۶/۶۵۴، ملخصًا) دُرودِ پاڪ گناهن جو ڪفارو آهي. (جلاء الافہام، ص۲۳۴) ٭ درود پاڪ صدقي جو قائم مقام بلڪ صدقي کان به افضل آهي. (جذبُ القلوب، ص۲۲۹) ٭ دُرود شريف پڙهڻ سان مصيبتون ٽري ويندون آهن. ٭ دُرودِ پاڪ پڙهڻ سان ظلم کان نجات حاصل ٿي ويندي آهي. ٭ دُرود پاڪ پڙهڻ سان خوف دور ٿي ويندو آهي. ٭ درود پاڪ پڙهڻ سان دشمنن تي فتح حاصل ٿيندي آهي. ٭ درود پاڪ پڙهڻ سان قيامت جي هولناڪين سان نجات حاصل ٿيندي آهي. ٭ درود پاڪ پڙهڻ سان موت جي تڪليفن ۾ آساني ٿيندي آهي. ٭ دُرود پاڪ جي پڙهڻ سان دُنيا جي تباهڪارين سان نجات ملندي آهي. ٭ دُرودِ پاڪ پڙهڻ سان تنگدستي دور ٿي ويندي آهي ۽ درود پاڪ پڙهڻ سان وسري ويل شيون ياد اچي وينديون آهن.  (جذبُ القلوب، ص۲۲۹)  

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.