Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

طرح صفحي جي مٿان کان پڙهيو ويندو هو، اهڙي طرح صفحي جي پٺيان کان به پڙهيو ويندو هو. مون پنهنجي امڙ سائڻ کان پڇيو ته نانا جان جو عمل ڪهڙو هو؟ امڙ سائڻ ٻڌايو: کَانَ اَ کْثَرُ عَمَلِہٖ دَوَامُ الذِّکْرِمَعَ کَثْرَۃِ الصَّلٰوۃِ عَلَی النَّبِی يعني انهن جو هي عمل هو ته اهي هميشه ذِڪرُالله ڪرڻ سان گڏوگڏ دُرودِ پاڪ جي به ڪثرت ڪندا هئا.“

(سعادَۃ الدارین، الباب الرابع ،اللطیفۃ السادسۃ والتسعون، ص۱۵۲)

میری زبان تر رہے ذِکر و دُرُود  سے

بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فضول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  ٻڌو اوهان! دُرودِ پاڪ ڪيترو بهترين وظيفو آهي جو اُن جي برڪت سان ماڻهن جي اکين جي آڏو جهنم جي آزاديءَ جو اجازت نامو اچي ويو، جن ماڻهن مدني آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي هيءَ برڪت پنهنجين اکين سان ڏٺي هوندي، ته يقيناً انهن جو به دُرود ۽ سلام پڙهڻ جو ذِهن بڻيو هوندو. لِهذا خاص ڪري ڏکايلن، غم جي ماريلن، پريشان حالن، مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن، مريضن، حَرَمِينِ طَيّبين جي حاضريءَ  جي تڙپ رکڻ وارن کي گهرجي ته  اُهي اٿندي ويهندي، هَلندي ڦِرندي هر وقت آقا، مَدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي وڌ کان وڌ درود شريف پڙهڻ جي عادت بڻائن بلڪ ان کي پنهنجو وظيفو بڻائي ڇڏين. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه درودِ پاڪ جي فضيلتن تي مشتمل ڪيتريون ئي ڪتابون لکجي چڪيون آهن، وقت به وقت عالم سڳورا به ان جا فضائل ۽ ثمرات ۽ ان جون برڪتون بيان فرمائيندا رهندا آهن. اَچو! وڌيڪ ٻڌو ٿا ته دُرودِ پاڪ جي ڪَثرت ڪرڻ وارن خوش نصيب مسلمانن کي ان جون ڪهڙيون ڪهڙيون بَرڪتون ملن ٿيون، جِيئن ته