Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

(1) اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو تحرير ڪيل نعتيه ديوان ”وسائلِ بخشش“ اميراهلسنت جي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان محبت جو واضح دليل آهي جنهن ۾ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شانِ اقدس ۾ به ڪيئي ڪلام ۽ غوثيه نعرا به تحرير ڪيا آهن۔ (2) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي سُنّتن ڀري بيانن ۽ مدني مذاڪرن جي دوران وقت بوقت حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شان بيان فرمائيندا آهن، حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي منقبت جا شعر پڙھندا ۽ گڏوگڏ غوثيه نعرا به لڳائندا آهن۔ (3) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت ۽ ڪرامت بابت مختلف رسالا به تحرير ڪيا آهن۔ (4) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سالن کان ربيعُ الآخر جي مبارڪ مهيني ۾ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرسِ مبارڪ وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهائيندا پيا اچن (5) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر سال ربيع الآخر جي مقدس مهيني ۾ جلوس غوثيه جي ترڪيب فرمائيندا ۽ غوثيه جهنڊو به لهرائيندا آهن.(6) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خاندان، آل ۽ اولاد، سندن جي مزارِ پُراَنوار،گنبد ومينار، سندن جي شهر مطلب ته سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان تعلق ۽ نسبت رکڻ واري هر هر شيء کان بي انتها محبت ڪندا آهن۔(7) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جا مظهر آهن۔ (8) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ صرف قادري سلسلي ۾ ئي مريد ڪندا آهن۔(9) اميراهلسنت پنهنجي هر بيان ۽ مدني مذاڪري ۾ عاشقانِ رسول کي حضور غوث ِپاڪرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو مريد ۽ طالب ڪرائي انهن کي به غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو غلام بڻائيندا آهن۔ (10) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شان تي ٿيندڙ اعتراضن جا جواب ارشاد فرمائندا آهن۔(11) اميراهلسنت ربيع الآخر جي مبارڪ مهيني ۾ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي يارهين شريف جي رات ۾ عاشقانِ رسول کي نسخهءِ بغدادي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندا آهن. (12) اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب تي