• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • هرپاسي نور ئي نور آ arrow icon
    • page 8
    book-logo
    book_icon
    هرپاسي نور ئي نور آ
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    ”المُصَنَّف“ ۾ حضرتِ سيدُنا جابِر بن عبدالله انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان روايت ڪئي، اهي چون ٿا، مون عرض ڪيو: ”يارسولَ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! منهنجا ماءُ پيءُ حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي قربان! مون کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان الله پاڪ ڪهڙي شيء ٺاهي؟“ فرمايائون: ”اي جابِر ! بيشڪ بِاليقين، الله پاڪ تمام مخلوقات کان پهريان تنهنجي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور پنهنجي نور مان پيدا فرمايو۔“ (فتاوي رضويه،۳۰/۶۵۸ ، الجزءُ المفقُود مِن الجزء الاوّل مِنَ المُصَنَّف لِعبدالرّزّاق، ص ۶۳، حديث:۱۸از سياه فام غلام)

              جڏهن ته دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”حڪايتيں اور نصيحتيں“ جي صفحي 468 تي آهي: حضرت سيدنا ڪعبُ الاَحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جڏهن الله پاڪ موجودات کي پيدا فرمائڻ جو ارادو ڪيو ۽ زمين کي وڇايو ۽ آسمانن کي بلند ڪيو ته پنهنجي فيض ذات مان مُٺ برابر کڻي ان کي ارشاد فرمايو: اي نور! محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) بڻجي وڃ۔ ان نور هڪ نوري ٿنڀي جي صورت اختيار ڪئي ۽ ايتري قدر روشن ٿيو جو عظمت جي پردي تائين وڃي پهتو ۽ ربِّ ڪائنات کي سجدو ڪيائين ۽ چيائين: اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ يعني سڀ خوبيون الله پاڪ جي لاءِ آهن۔ ته الله پاڪ ارشاد فرمايو: مون توکي انهيء ڪري پيدا فرمايو آهي ۽ تنهنجو نالو محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) رکيو آهي، تون سان ئي پنهنجي مخلوق جي ابتدا ڪندس ۽ تو تي ئي پنهنجي رسالت جو سلسلو ختم ڪندس۔ پوءِ الله پاڪ ان نور جا چار حصا ڪري هڪ حصي سان لوحِ محفوظ ۽ ٻئي سان قلم کي پيدا فرمايو پوءِ قلم کي ارشاد فرمايو: لک! ته قلم تي هڪ هزار سال تائين هيبتِ الٰهي سبب ڏڪڻي طاري رهي۔ ان کان پوءِ قلم عرض ڪيو: اي منهنجا ربّ! ڇا لکان؟ ارشاد فرمايائين: لَآاِلٰه اِلَّا اللّٰٗه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰه لک۔ پوءِ قلم لکيو ۽ مخلوق جي باري ۾ علمِ الٰهي تي رسائي ماڻي۔ پوءِ ان هي ڳالهيون لکيون: (۱)۔۔۔حضرت سيدُنا آدم عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي پُشت مبارڪ ۾ موجود اولاد جو تعداد۔ (۲)۔۔۔ جيڪو اطاعتِ الٰهي ڪندو الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ جيڪو ان جي نافرماني ڪندو ان کي دوزخ ۾ وجھي ڇڏيندو۔ اهڙي طرح (۳)۔۔۔حضرت سيدُنا ابراهيم خليل الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام، حضرت سيدُنا موسيٰ ڪليم الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ۽ حضرت سيدُناعيسيٰ روح الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي اُمّتن بابت به لکيو،

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • حضور جي مرڪڻ سان سُئي ملي وئي
    • هرپاسي نور ئي نور آ
    • درودِ پاڪ جا انوار
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • نورِ مصطفيٰ سڀ کان پهريان
    • پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورانيت بابت آيت سڳوري
    • نور ڇا کي چئبو آهي؟
    • حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرڪيا ته هر پاسي روشني ٿي
    • مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙو ڪو آيو ئي ناهي
    • چهرو مبارڪ سج جيان چمڪي رهيو هو
    • 12 مَدَني ڪمن مان هڪ ڪم ”مَدرَسةُ المدينه بالِغان“
    • بدنگاهي جي عادت کان نجات ملي وئي
    • ٽيلي ٿون جي ترغيب
    • روشن چهرو
    • لٺ روشن ٿي وئي
    • وڻ جي ٽاري روشن ٿي وئي
    • دستِ مبارڪ جي برڪت
    • چهرو چمڪندو هو
    • برڪاتِ نبوت جو ظهور
    • زمانو روشن ٿي ويو
    • نُورِ مصطفيٰ ۽ چراغ جي روشني
    • جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami