Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat
اڱرين کي هن طرح کنئي هئي جيئن ڪو گِريه و زاري ڪرڻ وارو کڻندو آهي۔
(زرقاني علي المواهب،ولادته و عجائب ومارات ۔۔۔الخ ،۱/ ۲۱۱)
| رَبِّ ھَبْ لِی اُمَّتِی ‘‘ کہتے ہوئے پیدا ہوئے |
| حق نے فرمایا کہ بخشا ’’الصَّلٰوۃُ والسَّلام |
اهڙي طرح رَحمتِ عالَم، نورِ مُجسّمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سفرِ مِعراج تي روانگي جي وقت اُمَّت جي گناهگارن کي ياد فرمائي آبديده ٿي ويا، ديدارِ جمالِ خداوندي ۽ خصُوصي نواز شات جي وقت به گُنهگارانِ اُمَّت کي ياد رکيائون۔
(بخاري، ڪتاب التوحيد،باب قوله تعالٰي(وڪلم الله موسٰي تڪليمًا)،۴/ ۵۸۱، حديث:۷۵۱۷مفهوماً)
سڄي عُمر (وقت بوقت) اُمَّت جي گُنهگارن لاءِ غمگين رهيا۔
(مسلم، باب دعاء النبي لامته، …الخ، ص۱۰۹،حديث:۲۰۲ مفهومًا)
جڏهن قَبر شريف ۾ لاٿو ويو، مبارڪ لبن کي جُنبِش ٿي، بعض صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوان ڪن لڳائي ٻڌو، آهسته آهسته اُمَّتِي (منهنجي اُمَّت) فرمائي رهيا هئا۔ قِيامت ۾ به سندن دامن ۾ پناھ ملندي، تمام اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام سان ”نَفْسِي نَفْسِي اِذْھَبُوْا اِلٰي غَيرِي“(يعني اڄ مون کي پنهنجو فڪر آهي ڪنهن ٻي وٽ هليا وڃو) ٻڌندو ۽ هن غَمْخوارِ اُمَّت جي لب تي ”يارَبِّ اُمَّتِي اُمَّتِي“ (اي رَبّ !منهنجي اُمَّت کي بخشي ڇڏ) جو شور هوندو۔ (مسلم،باب ادني اهل الجنّۃ منزلۃ فيها، ص۱۰۵،۱۰۶ ، حديث:۱۹۴مفهوماً)
جو نہ بھُولا ہم غریبوں کو رضا ذِکر اُس کا اپنی عادت کیجئے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان! رحمتِ ڪونين، ناناءِ حسنين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ گناهگارانِ اُمّت سان ڪيتري مَحَبَّت ۽ اُلفت فرمائن ٿا ۽ اوهان کي پنهنجي اُمّت جو ڪيترو خيال آهي۔ جڏهن ته ٻي پاسي جيڪڏهن اسان هن اُمّت جي حالِ زار جو جائزو وٺون ته اها دل خراش حقيقت (Reality) سامهون ايندي ته اُمّتِ مسلمه جي اڪثريت هاڻ پنهنجي هن محسن ۽ مهربان آقا، مڪي