Share this link via
Personality Websites!
اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ جي به نيت ڪرائي. ان کان علاوه ان کي سنتن ڀري اجتماع ۾ پنهنجي مسئلن جي حل ڪرڻ جي لاءِ دعا ڪرڻ جي به ترغيب ڏني. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان اسلامي ڀيڻ جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان هوءَ هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪرڻ لڳي. اتي پنهنجي مسئلن جي حل ٿيڻ جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ دعا به ڪندي هئي، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان بيعت ٿي ڪري عطاريه به بڻجي وئي. ٿورو ئي عرصو گزريو هو ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جي ٻارن جي پيءُ کي سٺي ملازمت عطا فرمائي. ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو ته ڪجهه ئي عرصي ۾ ان ڪرائي جي مڪان کي ڇڏي پنهنجو ذاتي مڪان به خريدي ورتو. الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي حبيب جي صدقي، سنتن ڀري اجتماعن ۾ شرڪت جي برڪت سان ان کي ٻارن جي شادي جي فريضي کي پورو ڪرڻ جي به طاقت ڏني. اهڙي طرح دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان ان جي مسئلن جو ريگستان خوشي ۾ تبديل ٿي ويو.(اسلامي ڀينرن جي نماز،ص 289)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اولياءِ ڪرام ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کان تبرڪ وٺڻ ۾ دل ۾ ڪو شڪ ۽ شبهو نه هئڻ گھرجي، دل ۾ مختلف وسوسن کي جڳھ ڏئي، امتحان وٺڻ ۽ آزمائڻ جي آرزو کڻي تبرڪات وٺڻ وارن کي ڪڏهن ڪڏهن هٿوهٿ سزا به ملي ويندي آهي، هن ڳالھ کي هن حڪايت مان سمجھو، جيئن ته
الله پاڪ جي هڪ ولي جي خدمت ۾ بادشاههِ وقت قدم بوسي جي لاءِ حاضر ٿيو. انهن وٽ ڪجھ صوف نذر (ڪنهن جي طرف کان تحفي) ۾ آيا هئا. انهن هڪ صوف بادشاھ کي ڏنو ۽ چيائين کائو. ان عرض ڪيو ته حضور اوهان به کائو، اهڙي طرح بزرگ صاحب به کاڌو ۽ بادشاھ به، انهيءَ وقت بادشاھ کي دِل ۾ خيال گذريو ته هي جيڪو سڀ کان وڏو سهڻي رنگ وارو صُوف آهي جيڪڏهن پنهنجي هٿ سان کڻي مون کي ڏين ته مان سمجھندس ته هي ولي آهن. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو صُوف کڻي ڪري فرمايو: “اسان مِصر ويا هئاسين اتي هڪ جڳهه وڏو هجوم هو، ڏٺوسين ته هڪ شخص آهي انهيءَ وٽ هڪ گڏهه آهي ۽ ان گڏهه جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami