Share this link via
Personality Websites!
هڪ مسلمان تي) لازم آهي۔ (علم القرآن،ص۴۸ ملتقطاً)
”تفسيرِصراط الجنان“ ۾ آهي: هن (آيت) مان معلوم ٿيو! جنهن پٿر کي نبي عَلَيه السَّلَام جي قدم بوسي حاصل ٿي وڃي اهو عَظمَت وارو ٿي ويندو آهي۔ اهو به معلوم ٿيو! جڏهن پٿر نبي عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي قدم مبارڪ لڳڻ سان عظمت وارو ٿي ويو ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ازواجِ مطهرات، اهلِ بيت ۽ صحابَه ڪرام رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهمْ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي۔ (تنهنڪري) هن مان تبرڪات جي تعظيم جو به ثبوت (Proof) ملي ٿو۔ (صراط الجنان،۱ / ۲۰۵)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع“
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!واقعي جنهن شيء جو به الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن سان تعلق ٿي وڃي اها برڪت ڀري ٿي ويندي آهي۔ پنهنجي دلين ۾ تبرڪات جي اهميت وڌائڻ، انهن مان فيض حاصل ڪرڻ، انهن جي ادب ۽ احترام جو جذبو پنهنجي دلين ۾ بيدار ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدني ڪم ”هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع“ به آهي۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ تلاوت ۽ نعت ۽ علمِ دين سان ڀرپور سُنّتن ڀريو اصلاحي بيان ٻڌڻ، اجتماعي طور تي ذڪرُ الله ڪرڻ ۽ رِقّت انگيز دُعا ۾ پنهنجي گُناهن کان توبه ڪرڻ سان گڏوگڏ بُري صحبت کان بچڻ ۽ چڱي صحبت اِختِيار ڪرڻ جا موقعا به مُيسر ايندا آهن۔ اچو ترغيب طور هفته وار اجتماع ۾ حاضري جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ اجتماع ۾ پابندي سان حاضر ٿيڻ جي نيت ڪيو، جيئن گهريلو مسئلا حل ٿي ويا
باب المدينه(ڪراچي) جي هڪ پيرسن اسلامي ڀيڻ مختلف گهريلو مسئلن ۾ ڦاٿل هئي. هڪ ڏينهن دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀيڻ سان ان جي ملاقات ٿي ته ان اسلامي ڀيڻ هن جي همدردي ڪئي ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي دعوت اسلامي جي اسلامي ڀينرن جي هفته وار سنتن ڀري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami