Share this link via
Personality Websites!
فيض ماڻڻ جي واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔ تابوتِ سڪينه(اهو متبرڪ صندوق جنهن ۾ انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جا تبرڪ رکيا ويندا هئا) مان بني اسرائيل جو برڪتون ماڻڻ، محرابِ مريم ۾ حضرت سيدنا زڪريا عَلَيه السَّلَام جو دعا گھرڻ ۽ ان جو قبول ٿيڻ۔ تبرڪات مان برڪتون ماڻڻ جا هي اهي واقعا آهن جيڪي قرآنِ پاڪ ۾ وڏي تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن۔ اچو تبرڪات جون برڪتون ملڻ بابت هڪ قرآني واقعو ٻڌون ٿيون:
ڪعبه مُعظّمه ۾ هڪ پٿر آهي جنهن کي مقام ابراهيم چون ٿا۔ هي اهو پٿر آهي جنهن تي الله پاڪ جي نبي، جنابِ حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام پنهنجو قدم مبارڪ رکيو، ته جيتروحصو سندن پيرن هيٺ آيو اهو آلي مٽي جيان نرم ٿي ويو ايستائين جو ابراهيم عَلَيه السَّلَام جا قدم مبارڪ ان ۾ ڄمي ويا، پوءِ جڏهن ابراهيم عَلَيه السَّلَام قدم کنيا الله پاڪ ٻيهر ان حصي ۾ پٿر جي سختي پيدا ڪري ڇڏي ته اهي قدم جا نشان محفوظ رهجي ويا۔ (فتاوي رضويه ، ۲۱ / ۳۹۸ ملتقطاً) ربِّ ڪريم دنيا ۾ رهندڙ تمام مسلمانن کي مقامِ ابراهيم جي تعظيم ڪرڻ ۽ ان جو قرب ماڻڻ ۽ ان جي قريب (Near) نماز پڙھڻ جو حڪم ارشاد فرمايائون، جيئن الله پاڪ سيپارو 1 سورة البقره جي آيت نمبر 125 ۾ ارشاد فرمائي ٿو آهي:
وَ اتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰهٖمَ مُصَلًّىؕ-
ترجموڪنزالايمان: ۽ ابراھيم جي بِيهڻ جي جاءِ کي نماز پڙھڻ جي جاءِ مُقرر ڪري وٺو۔ (پ 1 البقره 125)
حڪيم الامت، حضرت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:
مقامِ ابراهيم اهو پٿر آهي جنهن تي بيهي ابراهيم عَلَيه السَّلَام ڪعبي شريف جي تعمير ڪيائون اهو به حضرت خَلِيلُ الله عَلَيه السَّلَام جي برڪت سان شَعَائِرُ الله بڻجي ويو ۽ ان جي تعظيم اهڙي لازم ٿي وئي جو طواف جا نفل ان جي سامهون بيهي پڙھڻ سُنت ٿي ويا۔ جڏهن بزرگانِ دين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين جي قدم پوڻ سان صفا مروه ۽ مقامِ ابراهيم شَعَائِرُ الله(يعني الله پاڪ جون نشانيون) بڻجي ويا ۽ تعظيم جي قابل ٿي ويا ته انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلام ۽ اولياءِ عظام رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہم اجمعین جون مزارون (Shrines)، جن ۾ اهي حضرات دائمي قيام فرما آهن يقيناً شَعَائِرُ الله آهن ۽ انهن جي تعظيم (هر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami