Share this link via
Personality Websites!
وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ اسان ”تبرڪات جون برڪتون“ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ تبرڪات ۽ ان جي ثبوت ۾ ٻه (2) قرآني واقعا، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان نبي اڪرم رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقدس تبرڪات جي ڪيتري تعظيم ڪندا هئا؟ تبرڪات جي تعظيم مان ڪهڙا ڪهڙا فائدا ٿيندا آهن، تبرڪات جي بي ادبي سان ڪهڙا نقصان ٿيندا آهن اهو به ٻڌنديون سين۔ الله پاڪ ڪري ته دِلجمعي سان اسان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔
سوره يوسف ۾ الله پاڪ جي نبي حضرت سيِّدنا يعقوب ۽ حضرت سيدنا يوسف عَلَيهمَا السَّلَام جو ڊگھو واقعو بيان ٿيو آهي، جڏهن حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام کي ان جي ويڳن(ماٽيلن) ڀائرن ڌوڪي سان کوھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ڪي واپاري ان کي کوھ مان ڪڍي مصر کڻي ويا ۽ اتي وڪڻي ڇڏيائون، حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام پنهنجي پٽ حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام جي جدائي ۾ گھڻو غمگين ٿيا ۽ ان غم ۾ لڙڪ وهائي وهائي سندن اکين جي روشني متاثر ٿي وئي، ڪيئي سالن کان بعد جڏهن حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام کي پنهنجي ڀائرن جي ذريعي والد محترم جي بصارت جي ڪيفيت جو معلوم ٿيو ته انهن پنهنجي قميص تبرڪ طور پنهنجي والد محترم جي لاءِ موڪليائون، ۽ جيڪو ڪجھ فرمايائون قرآنِ پاڪ ۾اهو هن طرح بيان ڪيو ويو آهي، جيئن ته سيپارو 13 ، سورة يوسف جي آيت نمبر 93 ۾ ارشاد آهي:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami