Share this link via
Personality Websites!
تبرڪات جي زيارت سان زبان تي الله جو ذڪر جاري ٿي ويندو آهي. تبرڪات جي زيارت سان نيڪيون ڪرڻ جو جذبو ملندو آهي۔ اچو! انهيء تعلق سان هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:
جيئن، حضرت سَيدُنا ابو علي روز باريرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڀيڻ فاطمه بنت احمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها فرمائن ٿيون: بغداد شهر ۾ ڪجھ نوجوانن پاڻ منجهان ڪنهن هڪ کي ڪنهن ضرورت لاءِ موڪليو، ان موٽڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، هي نوجوان ڪاوڙ ڪرڻ لڳا، ايتري ۾ اهو هڪ گدرو (Melon) کڻي کلندو پهتو۔ نوجوانن پڇيو: هڪ ته تون دير سان پيو اچين، ان تي کلي به رهيو آهين؟ ڇوڪري چيو: مان اوهان جي لاءِ هڪ عجيب شيء آندي آهي۔ سڀني پڇا ڪئي: اها ڪهڙي؟ ڇوڪري پنهنجي هٿ وارو گِدرو انهن کي پيش ڪيو ۽ چيائين: هن گدري تي حضرت سَيدُنا بشر حافيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هٿ رکيو هو، ان ڪري مون هن کي 20 درهمن ۾ خريدي ورتو۔ ان جي ڳالھ ٻڌي سڀني گدري کي چُميو ۽ پنهنجي پنهنجي اکين سان لڳايو۔ انهن مان هڪ چيو، حضرت سَيدُنا بشرحافيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪهڙي شيء هن مقام تي پهچايو؟ ڪنهن چيو: تقويٰ۔ سوال ڪندڙ چيو: مان توهان کي شاهد ڪري الله پاڪ کان توبه ڪيان ٿو، ان کان پوءِ سڀني اهڙي نموني توبه ڪئي، پوءِ اهي سڀ طرطوس نالي شهر تشريف کڻي ويا ۽ اتي ئي شهادت جو رُتبو ماڻيائون۔ (الروض الرياحين،ص۲۱۸)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!غور ڪريو! حضرت سيدنا بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هٿ لڳل گدري جو ادب ڪرڻ جي ڪري انهن نوجوانن جون دليون ئي بدلجي ويون انهن گناهن کان توبه ڪئي ۽ شهادت جي عظيم رُتبي تي فائز ٿيا، هن حڪايت مان اسان کي اهو مدني گل مليو ته جيڪڏهن بزرگن سان نسبت رکڻ واري ڪنهن شيء جو خلوصِ دل سان احترام ڪيو وڃي ته انسان دين ۽ دنيا جي سعادتن کان سرفراز ٿي سگھي ٿو۔
ياد رهي جهڙي طرح تبرڪات جي تعظيم ۽ احترام ڪرڻ سان ڪيئي فائدا ملن ٿا ۽ برڪتون نصيب ٿين ٿيون اهڙي طرح جيڪڏهن انهن جي تعظيم نه ڪئي وڃي ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami