Share this link via
Personality Websites!
محبتون ختم ڪري جدايون ڪرائيندي آهي۔۔۔ بدگماني حسنِ سلوڪ کان محروم ڪرائيندي آهي۔۔۔ بدگماني ٻانهي کي بدخُلق ٺاهيندي آهي۔۔۔ بدگماني الزام تراشي تي اڀاريندي آهي۔۔۔ بدگماني دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا ڪرائيندي آهي۔ تنهنڪري عقل مند اهو ئي آهي جيڪو بدگماني جي بدران حسنِ ظن جي عادت اپنائي، ڇوته ٭ حسنِ ظن هڪ عمده عبادت آهي، ٭ حسنِ ظن گناهن کان بچائڻ وارو آهي، ٭ حسنِ ظن رکڻ ايمان جي تقاضن مان آهي، ٭ حسنِ ظن ايمان جو حصو آهي، ٭ حسنِ ظن نيڪ ماڻهن جي عادتن مان آهي، ٭ حسنِ ظن ٻانهي کي ثواب جو مستحق ڪندو آهي، ٭ حسنِ ظن ٻين جي عزتن جو محافظ آهي، ٭ حسنِ ظن کان سڪون ۽ قرار ملندو آهي، ٭ حسنِ ظن ٻانهي کي شيطان جي چنگل کان بچائيندو آهي، ٭ حسنِ ظن ايمان کي قوت ڏيندو آهي، ٭ حسنِ ظن دل ۽ روح کي پاڪيزه ڪندو آهي، ٭ حسنِ ظن ٻانهي کي نيڪ بڻائيندو آهي، ٭ حسنِ ظن سان الله پاڪ ۽ ان جي مدني حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ملندي آهي۔
هڪ ڀيري نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڪعبي پاڪ کي مخاطب ڪري ارشاد فرمايائون؛ تون پاڻ ۽ تنهنجي فضا ڪيڏي پياري آهي، تون ڪيڏو نه عظمت وارو آهين ۽ تنهنجي حُرمت ڪيڏي عظيم آهي، ان پاڪ ذات جو قسم جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي جان آهي! الله پاڪ جي ويجھو هڪ مؤمن جي جان ۽ مال ۽ ان کان سٺو گمان رکڻ جي حرمت تنهنجي حرمت کان به وڌيڪ آهي.
(سنن ابن ماجه، ابواب الفتن، باب حرمۃ دم المؤمن وماله ،۴ / ۳۱۹، حديث:۳۹۳۲)
خُدایا عطا کر دے رحمت کا پانی
رہے قَلب اُجلا دُھلے بدگُمانی
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا تبرڪات:
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هن ڳالھ مان بخوبي واقف هئا جو نبي مڪرم، رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَسراپا رحمت ۽ برڪت آهن، جنهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami