Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ اسان آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل اُمّت جي خيرخواهي جي باري ۾ بزرگانِ دِين جا واقعا ٻڌنداسين، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جا اُمّت جي خيرخواهي بابت ڪجھ واقعا، سندن ذڪرِ خير ۽ خيرخواهي جي تعريف به ٻڌنداسين، هن بابت حديث سڳوريون به هتي بيان ڪيون وينديون۔ ان سان گڏوگڏ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سميت ٻين بزرگن جي خيرخواهي جا ڪجھ واقعا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گل به ٻڌنداسين۔ خير خواهي جا دنيوي ۽ اخروي فائدا پڻ ٻڌنداسين۔ الله ڪري ته دِلجمعي سان اسان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

          بعض اسلامي ڀائر بيان دوران تسبيح جي ذريعي ذِڪر و درودشريف وغيره پڙھندا رهندا آهن، ياد رکو! هي هن جو موقعو نه آهي، اسان جيئن ته علمِ دِين سکڻ جي نيت سان هتي گڏ ٿيا آهيون ته بيان دورران سڄو ڌيان بيان