Book Name:Seerat e Usman e Ghani

عُسرت“ (يعني غَزوه تَبوڪ) جي تياري لاءِ ترغيب ارشاد فرمائي رهيا هئا۔ حضرت سيّدنا عثمان بن عفان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اٿي بيهي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پَلاڻ ۽ ٻئي سامان سميت سؤ اُٺَ منهنجي ذمي آهن۔ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان کي وري ترغيب ڏياري ته حضرت سيّدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ٻيهر اُٿيا ۽ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سموري سامان سميت ٻه سؤ اُٺ حاضر ڪرڻ منهنجي ذميداري آهي، رسول ڪريم محبوبِ ربّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان کي وري ترغيب ڏياري ته حضرت سيّدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان سموري سامان سميت ٽي سؤ اُٺ پنهنجي ذمي ڪيان ٿو۔ راوي فرمائن ٿا: مون ڏٺو ته حُضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو ٻڌي مِنبرِ مُنَوَّر تان هيٺ تشريف کڻي ٻه ڀيرا فرمايائون: اڄ کان عثمان (رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه) جيڪو ڪجھ ڪري ان تي پڇا ڳاڇا ناهي۔ (ترمذي، ڪتاب المناقب، مناقب عثمان بن عفان، ج۵، ص۳۹۱، حديث: ۳۷۲۰)

زاہدِ مسجدِ اَحمدی پر دُرُود                                 دولتِ جیشِ عُسرت پہ لاکھوں سلام

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور ڪجھ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسي جذبات ۾ اچي چندو لکرائيندا ته آهن پر جڏهن ڏيڻ جو وارو ايندو آهي ته