Book Name:Seerat e Usman e Ghani

تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي جو سبب بڻجن، پيارا مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: ”مُڇون خوب پَست (يعني ننڍيون) ڪريو ۽ ڏاڙهي کي وڌايو. (شرح معاني الآثار للطحاوي،ڪتاب الڪراھۃ، باب حلق الشارب، الحديث: ۶۴۲۲، ج۴، ص۲۸) پر عشق رسول جا دعويدار ۽ فيشن جا پرستار، سرڪار جي دشمنن جهڙو چهرو ٺاهن، ڇا اهو عشق رسول آهي، يقيناً نه ۽ هرگز نه!

بے نمازی رہیں کچھ نہ روزے رکھیں                    اُن کو کس نے کہا؟ عاشقان رسول

عالموں پر ہنسیں،پھبتیاں بھی کسیں                     اُن کو کس نے کہا؟ عاشقان رسول

جو کہ گانے سُنیں، فلم بینی کریں                          اُن کو کس نے کہا؟ عاشقان رسول

کھائیں رزق حرام ، ایسے ہیں بد لگام                      اُن کو کس نے کہا؟ عاشقان رسول

داڑھیاں جو منڈائیں کریں غیبتیں                       اُن کو کس نے کہا؟ عاشقان رسول

اي عاشقانِ رسول!نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن تي فدا ٿي وڃو، سنتن سان محبت ڪريو، فيشن کان پري ڀڄو، مَدَني قافلن جا مسافر۽ مدني انعامات جا عامل بڻجي وڃو، پنهنجو چهرو نبي رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عاشقن جهڙو بڻايو يعني پنهنجي چهري تي هڪ مٺ ڏاڙهي سجايو، فيشني وارن جي بدران سنت جي مطابق زُلفَ رکو ۽ مٿي اگھاڙي گھمڻ بدران عمامي شريف ذريعي سجايو، بس پنهنجي ظاهر ۽ باطن تي مدني رنگ چڙهائي ڇڏيو. اي ڪاش اسان به پڪا ۽ سچا عاشق رسول بڻجي وڃون، ڪاش! اسان جو اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، سُمهڻ جاڳڻ، ڏيڻ وٺڻ، جيئڻ مرڻ، مٺي مٺي آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جي مطابق ٿي وڃي.