Book Name:Seerat e Usman e Ghani

رُڪاوٽ به نه ڪئي هئي۔

                                                                 (دلائل ا لنبوۃ للبيھقي،باب ارسا ل ا لنبي ،ج۴، ص ۱۳۳ملتقطا)

ڪنهن شاعر ڇا ته بهتر چيو آهي ته

مِرے تو آپ ہی سب کچھ ہیں  رحمتِ  عالَم              میں  جی رہا ہوں زمانے میں آپ ہی کے لئے

تمہاری  یاد  کو  کیسے  نہ  زندَگی  سمجھوں                     یہی  تو  ایک  سہارا  ہے  زندَگی  کے  لئے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عثمان غني نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪيترا سچا عاشق هئا۔ جن جي هر هر ادا مان عشقِ رسول ظاهر ٿئي ٿو۔ پر هاءِ! اڄ جو مسلمان به عشقِ رسول جي دعويٰ ته ڪري ٿو، پر رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خُوش ڪرڻ وارا ڪم ڪندي شرم محسوس ڪري ٿو، نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمائن ٿا: جُعِلَتْ قُـرَّة عَينِي فِي الصَّلٰوة يعني منهنجي اکين جي ٿڌاڻ نماز ۾ آهي. (المعجم الڪبير، زياده بن علاقۃ عن المغيرۃ، الحديث:۱۰۱۲، ج۲۰، ص۴۲۰) ٿورو سوچيو اهي ڪهڙا عاشق رسول آهن جيڪي نماز کان پري ڀڄندا آهن، ڄاڻي واڻي نماز قضا ڪري سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل مبارڪ جي لاءِ آزار جو سبب بڻجندا آهن، اها ڪهڙي محبت آهي ۽ ڪهڙو عشق آهي جو رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رمضان جي روزن جي تاڪيد فرمائن پر پاڻ کي عاشقان رسول سڏائڻ وارا انهي حڪم کان منهن ڦيري، مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللهُ