Book Name:Seerat e Usman e Ghani

کي مڪه مڪرمه وڃڻ جو شرف حَاصِل ٿيو آهي هاڻي هو بيتُ الله شريف جي زيارت ۽ ڪعبي جو طواف ڪندا، جڏهن صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان پنهنجي هن رشڪ ڀري جذبات جو اظهار بارگاھ رسالت ۾ ڪيو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: مون کي يقين آهي جيستائين اسان مَحصُور آهيون، عثمان ڪعبي جو طواف نه ڪندا، صحابه ڪرام عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي هن حوالي سان ڪو رڪاوٽ نه آهي ته پوءِ عثمانِ غني کي طوافِ ڪعبه کان ڪهڙي شيءَ روڪيندي؟ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي هن الجھن کي پري ڪرڻ جي لاءِ ارشاد فرمايائون مون کي يقين آهي ته هو اسان جي بغير خانه ڪعبه جو طواف نه ڪندا،

          جڏهن حضرتِ سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه واپس موٽيا، صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان سندن کان پڇيائون: اي ابو عَبدُالله طوافِ ڪعبه ڪرڻ کان پوءِ اوهان اطمينان محسوس ڪري رهيا هوندؤ؟ حضرتِ سَيدُنا عثمانِ غَنيرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه ارشاد فرمايائون اوهان منهنجي باري ۾ غلط اندازو لڳايو، پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جيڪي جملا ارشاد فرمايا اهي اسان جهڙن محبتِ رسول جي دعوي ڪرڻ وارن جي لاءِ ڪيئي مدني گل پنهنجي دامن ۾ رکي ٿو، پاڻ ارشاد فرمايائون: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضه قُدرت ۾ منهنجي جان آهي جيڪڏهن مڪه مڪرمه ۾ منهنجو قيام سڄو سال به رهي ها ته مان سرڪارِ دو عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بغيرطواف نه ڪيان ها، جڏهن ته قريش منهنجي لاءِ طوافِ ڪعبه ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا