Book Name:Seerat e Usman e Ghani

آهي، اسان جا ڪلاڪن جا ڪلاڪ اخبارات جو مطالعو ڪرڻ ۽ خبرون (News) ڏسڻ، ٻڌڻ ۾ گذري ويندا آهن، رات دير تائين هوٽلن ۽ چوڪن تي ويهڻ نه ڄاڻ ڪيترن جو معمول بڻجي چڪو آهي، الله پاڪ جي پناهه هاڻي ته جڳهه جڳهه تي اهڙيون کوڙ”چائي ڪيفي“ ملنديون جو جتي خاص ڪري نوجوان رات جو دير تائين ويهي ڳالهيون ڪندا آهن، تاس، لُڊو ۽ ويڊيو گيم کيڏي ڪري پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪندا آهن بلڪ معاذالله عَزَّوَجَلَّ بلڪل نمازِفجر جي وقت غفلت جي ننڊ سمهي پوندا آهن۔ اچو! پنهنجي اندر عبادت ۽ تلاوت جو ذوق و شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عبادات ۽ تلاوت ڪرڻ جي عادت بڻايو،

(1) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: اي انسان! تون منهنجي عبادت جي لاءِ فارغ ٿي وڃ مان تنهنجو سينو غنا کان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي جو دروازو بند ڪندس ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪندين ته مان تنهنجا ٻئي هٿ مصروفيات سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي جو دروازو بند نه ڪندس۔ (ترمذي، ڪتاب صفة القيامة والرقائق والورع، ۳۰-باب، ۴/۲۱۱،حديث: ۲۴۷۴)

(2) ارشاد فرمايائون: ”بيشڪ ماڻهن مان ڪجھ الله وارا آهن۔“صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو، يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي ڪير آهن؟ فرمايائون: قرآن پڙھڻ وارا جو اهي ئي الله وارا ۽ خواص (خاص ماڻهن) ۾ شامل آهن۔ (ابنِ ماجه،ڪتاب السنة،باب في فضل من تعلم القرآن وعلمه،۱ /۱۴۰،رقم: ۲۱۵)

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت                                                                             رہوں باوُضو میں سدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد