Book Name:Seerat e Usman e Ghani

فرمايو: ’’توهان ان شخص کي شهيد ڪيو جيڪو سڄي رات عبادت ڪندو ۽ هڪ رڪعت ۾ قرآنِ ڪريم ختم ڪندو آهي۔ (الزھد للامام احمد،زھد عثمان بن عفان ،ص ۱۵۳،حديث: ۶۷۳) (4) حضرت سيدُنا عبدالرحمن تيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:’’مون کي هڪ ڀيري مقامِ ابراهيم تي رات ٿي۔ مون عشاء جي نماز ادا ڪري مقام ابراهيم تي پهتس ايستائين جو مان ان ۾ بيٺس ته ايتري ۾ هڪ شخص منهنجي ڪلهن (Shoulders) جي وچ ۾ هٿ رکيو۔ مون ڏٺو ته اهي امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان بن عفان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هئا۔ ڪجھ دير بعد پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سوره فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ايستائين جو سڄو قرآن ڪريم ختم ڪيائون۔“ (الزھد لابن المبارڪ،باب فضل ذڪرالله،ص۴۵۲،حديث:۱۲۷۶ ملخصاً)

نبی نے تیرے بدلے ’’بیعتِ رضواں ‘‘میں کی بیعت                                        کہا قرآن نے دستِ نبی کو دستِ یزدانی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو سوچيو ته سهي! اهي صحابي رسول جن کي رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻن شهزادين جو هڪ کان بعد ٻي جو مڙس ٿيڻ جي سعادت ملي، جن کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبانِ حقِّ ترجمان سان جنت جي خوشخبري ٻڌائي، سندن عبادت ۽ رياضت سان محبت ۽ تلاوتِ قرآن سان عشق جو اهو عالم آهي جو ڏينهن رات عبادت، رياضت ۽ تلاوتِ قرآن ڪندي گذرندا هئا۔ ٻي پاسي اسان جھڙن جو حال آهي جن جو اڪثر وقت فضوليات ۾ برباد ٿي ويندو آهي، اسان جا ڏينهن رات غفلتن جي نذر ٿي رهيا آهن، اسان وٽ نه ته عبادت جي لاءِ وقت آهي ۽ نه ئي تلاوتِ قرآن جي لاءِ، ها! دنياوي معاملات جي لاءِ اسان وٽ وقت ئي وقت