Share this link via
Personality Websites!
حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي والدِ محترم جو يوم ملهايو ويندو آهي۔ اچو! هن مناسبت سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي ڪجھ پهلوئن جي باري ۾ ٻڌو،
ابو عطار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ذڪرِ خير
اميراهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا والدِ ماجد حاجي عبدالرَّحمن قادِري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نيڪ سيرت، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۽ شريعت وسُنَّت جا پيڪر هئا، اڪثر نگاهون هيٺ رکي ڪري هلڻ جا عادي هئا، سندن دل ۾ دنياوي مال ودولت گڏ ڪرڻ جي لالچ بلڪل نه هئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسجدن سان مَحَبَّت ۽ انهن جي خوب خدمت ڪندا هئا۔ 1979 ۾ جڏهن شَيخِ طريقت، اميرِاَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ”ڪولمبو“ (سي لنڪا) تشريف وٺي ويا ته اتي جي ماڻهن کي والد صاحب کان گھڻو متاثر ڏٺائون، ڇوته سندن والد صاحب اتي جي عاليشان حَنَفي ميمن مسجد جا انتظامات سنڀاليندا هئا ۽ ان مسجد جي ڪافي خدمت به ڪئي هئي۔ پاڻ سلسله عاليه قادِريه ۾ بيعت هئا ۽ قصيده غوثيه جو وِرد ڪندا ها، ڪولمبو ۾ قيام دوران اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ماسڙ گفتگو دوران سندن کي ٻڌايو ته مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته جڏهن کٽ تي ويهي اوهان جا والد صاحب قصيدهءِ غوثيه پڙھندا هئا ته انهن جي کٽ زمين کان بلند ٿي ويندي هئي۔
اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ عالَمِ شِير خوارگي (يعني کير پيئڻ جي عمر) ۾ ئي هئا جو سندن والدِ محترم ۱۳۷۰ھ مطابق1951ء ۾ سفرِ حج تي روانا ٿيا۔ حج جي ڏينهن ۾ منٰي ۾ سخت لُو (يعني گرم جهولا) هلڻ جي ڪري ڪيئي حاجي سڳورا فوت ٿي ويا هئا، ابو عطار حاجي عبدالرحمن به مختصر علالت (بيماري) کان پوءِ ۱۴ ذوالحِجَّة الحرام ۱۳۷۰ھ تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا۔ (تعارفِ امير اهلسنت، ص۱۱)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami