Share this link via
Personality Websites!
مدني ماحول سان وابسته ٿي سنتن جي خدمت ۾ مصروف ٿي وڃو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و بيش104 شُعبن ۾ خدمتِ دين جو ڪم سَرانجام ڏئي رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شُعبو ”مجلس اصلاح براءِ کلاڙيان“ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو بُنيادي مقصد راندين سان وابسته ماڻهن ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ جي مُطابق زندگي گذارڻ جو مدني ذهن ڏيڻ آهي، وقت بوقت هن شعبي سان وابسته افراد جي گھرن، اڪيڊميز وغيره ۾ مدني درس (درسِ فيضانِ سُنّت) ۽ مدني حلقي وغيره جي ترڪيب ٿيندي آهي۔ هن شعبي جا افراد دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ مدني قافلي ۾ به سفر جي سعادت حاصل ڪن ٿا۔ الله پاڪ ”مجلس اصلاح براءِ کلاڙيان“ کي وڌيڪ ترقيون نصيب فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مچی ہو
تربيت اولاد جي باري ۾ مزيد معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب”تربيتِ اولاد“ ۽ رسالو ”اولاد جا حق“ جو مطالعو ڪرڻ گھڻو فائديمند آهي۔ ماءُ پيءُ جي شان ۽ عظمت جي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه جو رسالو”سمندري گمنذ“ جو مطالعو ڪرڻ به نهايت مفيد ٿيندو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجَّةِ الحَرام جو مبارڪ مهينو پنهنجي برڪتون لٽائي رهيو آهي۔ هن مهيني جي 14 تاريخ جو شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami