Share this link via
Personality Websites!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شريعت اسان کي نفعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ توڙي جو جانورن کي ذَبح ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي پر ان ۾ به هر ان ڪم کان منع ڪيو ويو آهي جيڪي بلاوجه جانور جي لاءِ تڪليف جو سبب ٿين يا ان جي تڪليف ۾ اضافو ڪن۔
1- ارشاد فرمايائون: الله پاڪ هر شيء سان نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، تنهنڪري جڏهن توهان (قرباني جو جانور) ذبح ڪريو ته تمام سٺي طريقي سان ذبح ڪريو ۽ توهان پنهنجي ڇري کي چڱي طرح تيز ڪري وٺندا ڪيو ۽ ذبيحي کي آرام ڏيندا ڪيو.
(مُسلِم، ڪتاب الصيد والذبائح ،باب الامر باحسان الذبح والقتل۔۔الخ ،۸۲۳،حديث:۵۰۵۵)
2- هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ بارگاهِه رسالت ۾ عرض ڪيو؛ يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي ٻڪري ذبح ڪندي رحم ايندو آهي، فرمايائون: جيڪڏهن توهان ان تي رحم ڪندو الله پاڪ به توهان تي رحم فرمائيندو.(مُسندِ احمد،مسند المڪيين،حديث معاويۃ بن فرۃ ، ۵/۳۰۴،حديث:۱۵۵۹۲)
فَضْل کر رَحْم کر تُو عَطا کر اور مُعاف اے خُدا ہر خَطا کر
واسِطہ پنجتن پاک کا ہے یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ذَبح مهل رضاءِ الٰهي جي نيت سان جانور تي رَحم ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي پر اسان جي معاشري ۾ وقتِ ذبح به وڏو ظلم ڪيو ويندو آهي۔ اهڙن ماڻهن کي ظلم کان روڪڻ ۽ ان جي اصلاح ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”ابلق گھوڙي سوار“ جي صفحي15 تي ڪجھ مدني گل بيان فرمايا آهن: ڳئون وغيره کي ڪيرائڻ کان اڳ ۾ ئي قبلي جي طرف جو تَعَيُّن ڪري ڇڏجي، ليٽائڻ کان پوءِ بالخصوص پٿريلي زمين تي گهلي ڪري قبلي رخ ڪرڻ بي زبان جانور جي لاءِ تڪليف جو سبب آهي، ذبح ڪرڻ ۾ ايترو نه ڪـٽيو جو ڇُـري ڪنڌ جي مڻڪي (هڏي) تائين پهچي وڃي جو اها بنا سبب تڪليف آهي، پوءِ جيستائين جانور مڪمل طور تي ٿڌو نه ٿي وڃي، نه ان جا پير ڪٽيو نه کل لاهيو، ذبح ڪرڻ کان پوءِ جيستائين روح نه نڪري وڃي ڇري بلڪل به جسم سان نه لڳايو، ڪجهه ماڻهو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami