Share this link via
Personality Websites!
جنهن مسلمان تي قرباني واجب ٿئي ته ان جي ادائيگي ۾ سستي کان ڪم وٺڻ بدران خُوش دلي ۽ رضاءِ الٰهي جي لاءِ قرباني ڪرڻ گھرجي۔ ياد رهي! قرباني ڪرڻ حضرتِ سَيدُنا ابراهيم خَلِيلُ الله عَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي مُبارڪ سُنت آهي جيڪا هن امت جي لاءِ باقي رکي وئي۔ (بهارِ شريعت، ۳/۳۲۷)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مخصوص جانور کي مخصوص ڏينهن ۾ ثواب جي نيت سان ذبح ڪرڻ کي قرباني چئبو آهي۔ (بهارِشريعت، ۳/۳۲۷) جيئن ته ان قرباني جي فريضي سان حضرت سَيدنا اسماعيل ۽ حضرت سَيدنا ابراهيم عَلَيھِمَا الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي اطاعتِ خداوندي جي ياد تازه ٿيندي آهي، حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام حڪمِ خداوندي جي پيروي ڪندي پٽ جي قرباني جي لاءِ تيار ٿيا ۽ حضرت اسمعيل عَلَيه السَّلَام به حڪمِ الٰهي تي عمل جو مظاهرو ڪندي قربان ٿيڻ جي لاءِ راضي ٿي ويا۔ جيڪي ماڻهو هن سنتِ ابراهيمي تي عمل ڪندي پنهنجي استطاعت مطابق قرباني ڪندا آهن، اهي بارگاھ الٰهي مان وڏي اجر ۽ ثواب جا حقدار ٿيندا آهن۔ اچو! قرباني جي فضيلتن تي مشتمل 3 فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿا، جيئن
٭ ارشاد فرمايائون: قرباني ڪرڻ واري کي قرباني جي هر وار جي بدلي ۾ هڪ نيڪي ملندي آهي. (تِرمِذي، ڪتاب الاضاحي ،باب ماجاء في فضل الاضحيۃ، ۳/۱۶۲حديث ۱۴۹۸)
٭ ارشاد فرمايائون: جنهن خوش دلي سان ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ قرباني ڪئي ته اها جهنّم جي باهه کان حِجاب (يعني روڪ) ٿي ويندي. (مُعْجَم ڪبِير، ۳/۸۴ ،حديث: ۲۷۳۶)
٭ ارشاد فرمايائون: انسان عيدالاَضۡحيٰ جي ڏينهن ڪا اهڙي نيڪي ناهي ڪندو جيڪا الله پاڪ کي رت وهائڻ کان وڌيڪ پياري هجي، اها قرباني قِيامت ۾ پنهنجي سڱن، وارن ۽ کُرن سان ايندي ۽ قربانيءَ جو رت زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ الله وٽ قبول ٿي ويندي آهي۔ تنهنڪري خوش دليءَ سان قرباني ڪريو. (تِرمِذي ج۳ص۱۶۲حديث ۱۴۹۸)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪي ماڻهو قرباني جي اِسۡتِطاعت (يعني طاقت) رکڻ جي باوجود پنهنجي واجب قرباني ادا نٿا ڪن، انهن جي لاءِ فڪر جو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami