Share this link via
Personality Websites!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو بيحد فضل ۽ ڪرم آهي جو ان اسان کي طرح طرح جي نعمتن سان نوازيو، انهن بيشمار نعمتن مان هڪ نعمت جانور (Animal) به آهن، جيئن ته انسان حلال جانورن جي گوشت، کير ۽ وارن وغيره مان کوڙ فائدا حاصل ڪندو آهي، انهن تي پنهنجي ضرورت جو سامان ٻڌي هڪ هنڌان ٻي هنڌ کڻي ويندو آهي، انهن جي ذريعي سفر به طئي ڪندو آهي ۽ بطورِ ڪاروبار انهن کي وڪڻي پنهنجي لاءِ حلال رزق ڪمائڻ جو ذريعو به ڪندو آهي۔ مطلب ته انهن جانورن مان اسان کي تمام گھڻيون نعمتون ملنديون آهن، جن جي شڪراني ۾ شريعت سال ۾ صرف هڪ ڀيرو اسان کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته استطاعت هئڻ جي صورت ۾ انهن حلال جانورن کي الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ سنتِ ابراهيمي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ قربان ڪيو وڃي۔ تنهنڪري قرباني واجب هئڻ جي صورت ۾ خُوش دِلي سان هن حڪمِ شريعت تي عمل ڪندي قرباني ڪرڻ گھرجي ڇوته هن ۾ اسان لاءِ وڏو اجر ۽ ثواب آهي، جيئن ته
حضرتِ سَيدُنا علي المرتضيٰ رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم، روؤفٌ رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: اي فاطمه! اُٿ ۽ پنهنجي قرباني جو جانور کڻي اچ ڇوته ان جي رت جو پهريون ڦُڙو ڪرندي ئي تنهنجا سمورا گناھ معاف ڪيا ويندا ۽ قيامت جي ڏينهن ان جو رت ۽ ان جو گوشت ستّر ڀيرا وڌيڪ اضافي سان تنهنجي ميزان ۾ رکيو ويندو۔ حضرتِ سَيدُنا ابوسَعِيد رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيائون: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا اها بشارت صرف آلِ محمد سان خاص آهي ڇوته اهي هر خير سان خاص ڪرڻ جا اهل آهن، يا اها بشارت آلِ محمد جي لاءِ خاص آهي ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ عام آهي؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: آل ِمحمد جي لاءِ خاص ۽ ٻين مسلمانن جي لاءِ عام آهي۔
(السنن الڪبرٰي للبيهقي،ڪتاب الضحايا،باب مايستحب للمرء۔۔۔۔۔۔الخ، ۹/۴۷۶ ، حديث:۱۹۱۶۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته قرباني ڪرڻ واري جي لاءِ ڪيترو اجرو ثواب آهي جو جانور جي رت جو ڦڙو زمين تي ڪرڻ کان پهريان ئي قرباني ڪرڻ واري جي بخشش ٿي ويندي آهي ۽ بروزِ قيامت جانور جي رت ۽ گوشت کي ستر گُنا اضافي سان ميزانِ عمل ۾ رکيو ويندو۔ تنهنڪري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami