Share this link via
Personality Websites!
ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعَادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا
فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: انسان عيدالاَضۡحيٰ جي ڏينهن ڪا اهڙي نيڪي ناهي ڪندو جيڪا الله پاڪ کي رت وهائڻ کان وڌيڪ پياري هجي، اها قرباني قِيامت ۾ پنهنجي سڱن، وارن ۽ کُرن سان ايندي ۽ قربانيءَ جو رت زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ الله وٽ قبول ٿي ويندي آهي۔ تنهنڪري خوش دليءَ سان قرباني ڪريو۔ (تِرمِذي،۳/۱۶۲،حديث: ۱۴۹۸) ٭ قرباني جي جانور کي ڪيرائڻ کان اڳ ۾ ئي قبلي جي طرف جو تَعَيُّن ڪري ڇڏجي، ليٽائڻ کان پوءِ بالخصوص پٿريلي زمين تي گهلي ڪري قبلي رخ ڪرڻ بي زبان جانور جي لاءِ سخت تڪليف جو سبب آهي. ٭ ذَبح ڪرڻ ۾ ايترو نه ڪـٽيو جو ڇُـري ڪنڌ جي مڻڪي (هڏي) تائين پهچي وڃي ته اها بنا سبب تڪليف آهي. ٭ جيستائين جانور مڪمل طور تي ٿڌو نه ٿي وڃي، نه ان جا پير ڪٽيو نه کل لاهيو، ذبح ڪرڻ کان پوءِ جيستائين روح نه نڪري وڃي ڇري بلڪل به جسم سان نه لڳايو، ڪي ماڻهو جلد ”ٿڌو“ ڪرڻ لاءِ ذبح کان پوءِ تڙپندڙ ڳئون جي ڪنڌ جي کل لاهي ڇري هڻي ڪري دل جون رڳون ڪٽيندا آهن، اهڙي طرح ٻڪر کي ذبح ڪرڻ کان فورًا بعد ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندا آهن، بي زبانن تي اهڙي طرح ظلم نه ڪيو وڃي. ٭ جنهن کان ٿي سگهي ان جي لاءِ ضروري آهي ته جانور کي بنا سبب تڪليف پهچائڻ واري کي روڪي، جيڪڏهن قدرت هئڻ جي باوجود نه روڪيندو ته پاڻ به گنهگار ۽ جھنم جو حقدار آهي. دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 3 صفحي 660 تي آهي: ”جانور تي ظلم ڪرڻ ذمي ڪافر تي (هاڻي دنيا ۾ سڀ ڪافر حربي آهن) ظلم ڪرڻ کان برو آهي ۽ ذمي تي ظلم ڪرڻ مسلمان تي ظلم ڪرڻ کان به برو آهي ڇو ته جانور جو ڪو مددگار ۽ والي واهر الله پاڪ کان سواءِ ناهي هن غريب کي ان ظلم کان ڪير بچائي! (دُرِّمُختارو رَدُّ الْمُختار،۹/۶۶۲) ٭ قرباني ڪرڻ کان ڪجھ ڪلاڪ پهريان جانورن کي بکايل اڃايل
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami