Book Name:Janwaron Par Zulm Haram Hai

عَزَّوَجَلَّ! مجلسِ آئي ٽي جي تيار ڪيل اهي تمام سافٽ وئيرز مڪتبةُ المدينه تان حاصِل ڪري سگھجن ٿا۔

هاڻي تائين ڪم و پيش 26 مختلف ایپلی کیشنز(Applications) اچي چڪيون آهن الله پاڪ اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي دينِ متين جي خوب خدمت ڪرڻ، نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ، مدني انعامات تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ترغيب ڏيارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭ قرباني جا جانور بروزِ قيامت سواري جي ڪم ايندا۔

٭ قرباني جي جانور جي هر وار جي بدلي هڪ نيڪي عطا ڪئي ويندي آهي۔

٭ قرباني ڪرڻ سان گناھ معاف ٿيندا ۽ درجات بلند ٿيندا آهن۔

٭ بروزِ قيامت جانورن تي ڪيل ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو۔

٭ جانورن تي رحم ڪرڻ بخشش ۽ مغفرت جو سبب ٿيندو آهي۔

٭ جانورن تي ظلم ڪرڻ الله پاڪ جي ناراضي جو سبب آهي۔

٭ جانورن تي رحم ڪرڻ بُزرگانِ دين جو طريقو رهيو آهي۔

الله پاڪ اسان کي جانورن سان سٺو ورتاء ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي، انهن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ انهن کي تڪليفون ڏيڻ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻندي سُنّت جي فضيلت،