Share this link via
Personality Websites!
13،14،15تاريخ) جا روزا نه ڇڏندا هئا۔ (سيدي ضياءالدين احمد القادري،۱/۴۸۶،بتغير)
4 ذُوالحِجَّةِ الحَرام 1401 ھ بمطابق 2-10-81 بروزِ جمعه مسجدِنبوي شريف جي مؤذن ”الله اڪبر الله اڪبر“ چيو ۽ سيدي قطبِ مدينه ڪلمو شريف پڙهيو ۽ سندن رُوح قفسِ عنصري مان پرواز ڪري ويو۔غُسل شريف کان بعد ڪفن وڇائي پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبرِ انور جو غسّالو شريف ۽ مُختلِف تبرڪات رکيا ويا پوءِ ڪفن شريف بند ڪيو ويو۔ بعدِ نمازِ عصر دُرُود وسلام ۽ قصيده برده شريف جي گونج ۾ جنازو مُبارَڪ کنيو ويو۔ سندن ارزو مطابق جنّت البقيع ۾ اهلبيتِ اطهار عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي قرب ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔ (سيدي قطبِ مدينه،ص۱۷)
مجھ کو دیدو بقیعِ غَرقَد میں اپنے قدموں میں جا ضِیاءُ الدّین
مُصطَفٰے کا پڑوس جنّت میں مجھ کو حق سے دلا ضِیاءُ الدّین
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ماڻهن جي دلين ۾ عشق مصطفي ۽ محبت اولياء اجاگر ڪرڻ ۽ سڄي دُنيا ۾ اِسلام جي دعوت پهچائڻ جي لاءِ 104 کان وڌيڪ شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شُعبو بنام’’مجلسِ آئي ٽي“ به آهي جنهن جو ڪم انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ذريعي سڄي دُنيا جي ماڻهن کي اِسلام جا بهترين مدني گل پيش ڪرڻ آهي، ’’مجلسِ آئي ٽي“ جي نمايان ڪمن مان اَعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي فتاويٰ رضويه شريف ۽ شهره آفاق ترجمه قرآن ڪنزالايمان کي سافٽ وئير جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ به آهي جيڪو ساراھ لائق آهي، مجلسِ توقيت جي تعاون سان هڪ اهڙو سافٽ وئير به متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل وغيره تي نمازن جي دُرست اوقات جي نشاندهي ۾ وڏو فائديمند آهي المدينه لائبريري سوفٽ ويئر جي ذريعي ڪثير ڪتابن جو آساني سان مطالعو ڪري سگھجي ٿو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami