Share this link via
Personality Websites!
هن مهيني ۾ کوڙ بُزرگانِ دِينرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جو عرس ملهايو ويندو آهي، انهن نيڪ سيرت ماڻهن مان هڪ نهايت ئي معزز شخصيت، آفتابِ رضويت، پيرِطريقت، رهبرِشريعت،خليفه اعليٰ حضرت قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياءالدّين احمد مَدَني قادري رضويرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جو عُرس شريف ملهايو ويندو آهي۔ اچو!برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سندن مُبارَڪ سيرت جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪيون ٿا۔ جيئن
حُضُور سَيدي قطبِ مدينهرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جو نالو ضِياءُالدين احمد آهي، پاڻ فرمائن ٿا ته منهنجو پيدائشي نالو ”احمد مختار“ آهي، منهنجي ڏاڏي حضرت شيخ قُطبُ الدين قادري رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بعد ۾ منهنجو نالو ’’ضِياءُ الدِّين‘‘ رکيو هو، پاڻ سومر جي ڏينهن ربيعُ الاوّل1294ھ ۾ بمقام قصبه ڪلاس والا،ضلعي سيالڪوٽ (ضياءڪوٽ) ۾ پيدا ٿيا۔ (سيدي ضياء الدين احمدالقادري، ۱/۱۶۴،ملتقطاً)
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حضرت قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياءالدّين احمد مَدَني قادري رضويرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه اميراهلسنت دامت برڪاتهم العاليه جا مرشد آهن، لکين ڪروڙين دعوت اسلامي وارا ان سان محبت ۽ عقيدت رکن ٿا، ان جي ولادتِ جي مڪانِ عاليشان کي خريدي دعوت اسلامي مسجد ۽ مدرسة المدينه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِبتِدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي سائين وٽان حاصِل ڪئي، پوءِ ضِياء ڪوٽ (سيالڪوٽ) جي مشهور عالِم و عارِف حَضرت علّامه مَولانا محمد حُسَين نقشبندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ پڙھيا، پوءِ مشهور محدّث ۽ عالمِ دين حضرتِ علّامه وصي احمد مُحَدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي درس ۾ شامل ٿي ويا ۽ تقريباً چار (4) سالن تائين انهن وٽان تعليم حاصِل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري، ۱/ ۱۶۷ملخصا)
سيدي قطبِ مدينهرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه نهايت ئي پسنديده اَوصاف ۽ اَخلاق سان مُتَّصِف هئا، هميشه يادِ خُدا ۾ مصروف رهندا هئا، شب بيدار ۽ تهجُّد گذار بُزرگ هئا، اِشراق، چاشت ۽ اوّابين جون نمازون ادا ڪرڻ سندن مَعمُول هو، ڪمزوري ۽ پوڙهائپ جي باوجود ايامِ بِيض (هر مدني مهيني چنڊ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami