Share this link via
Personality Websites!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ضرورت جي پيشِ نظر توڙي جو جانور پالڻ منع نه آهي، پر انهن جي چاري پاڻي جو خيال رکڻ، سيءَ ۽ گرمي ۾ انهن جي سار سنڀار لهڻ نهايت اهم معاملو آهي، اڪثر ماڻهو هن ڳالھ جو خيال ناهن رکندا، بس پنهنجو شوق پورو ڪندا آهن ۽ انهن بي زبان جانورن کي بلا وجه تڪليف پهچائيندا رهندا آهن۔ اهڙي معاشري ۾ اهڙا به رحم دل ماڻهو موجود آهن جيڪي انهن بي زبان جانورن تي رحم ڪن ٿا، بکايل اڃايل پکي پکڻ کي داڻو پاڻي ڏين ٿا۔ اهڙي طرح جانورن سان حسنِ سلوڪ سان پيش اچڻ نهايت وڏي نيڪي آهي جيڪا اسان جي بخشش ۽ مغفرت جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔ اچو! هن باري ۾ ٻه واقعا ٻڌو، جيئن
منقول آهي ته واٽ هلندي هڪ شخص تي اُڃ جو غلبو ٿيو ته ان کي هڪ کوھ مليو ان کوھ ۾ لهي پاڻي پيء ورتو پوءِ جڏهن هو کوھ مان نڪتو ته اوچتو هي ڏٺائين ته هڪ ڪتو زبان ڪڍي آلي مٽي چٽي رهيو آهي ته ان ماڻهو دل ۾ اهو سوچيائين ته جهڙي اڃ مون کي لڳي هئي اهڙي ئي اڃ هن ڪتي کي به لڳي آهي ته هو کوھ ۾ لهي پنهنجي جوراب ۾ پاڻي ڀري آيو ۽ ڪتي کي پيئاريائين ته ان جو اهو عمل ربِ ڪريم کي پسند اچي ويو ۽ ان جي بخش و مغفرت ڪري جنت ۾ داخل فرمائي ڇڏيو۔ اهو ٻڌي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيائون: يا رَسُولَ الله!صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇا اسان جي لاءِ چوپاين سان احسان ڪرڻ ۾ ثواب آهي؟ ارشاد فرمايائون: ها! هر جاندار سان احسان(ڀلائي) ڪرڻ ۾ ثواب آهي۔ (بخاري، ڪتاب المظالم،باب الآبار علي الطرق …الخ،۲/۱۳۳،حديث:۲۴۶۶)
شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظميرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ فاعلِ مختار آهي هو چاهي ته هڪ نهايت ئي ادنيٰ نيڪ عمل ڪرڻ واري کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان بخشي ڇڏي، ان جي درٻار ۾ عمل جي وزن ۽ مقدار (Quantity) کي ناهي ڏٺو ويندو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami