Share this link via
Personality Websites!
اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڪوڙين(ڪيولين) جو هڪ ٻر ڏٺائون: جنهن کي اسان ساڙيو هو، ته فرمايائون: ان کي ڪنهن ساڙيو آهي؟ اسان عرض ڪيو: اسان۔ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: باھ جي مالڪ يعني الله پاڪ جي علاوه ڪنهن جي لاءِ باھ جي ذريعي تڪليف ڏيڻ جائز ناهي۔(ابو داؤد، ڪتاب الجھاد،باب في ڪراھيۃحرق العدوبالنار، ۳/۷۵ ،حديث: ۲۶۷۵)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي بُزرگن جي سيرت تي هلندي جانورن کي ظالمن جي ظلم کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ڪنهن کي ظلم ڪندي ڏسون ته استطاعت مطابق اهڙن ماڻهن کي ظلم کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ اڄڪلھ ڏٺو ويندو آهي ته گلي محلي ۾ ٻار ۽ ڪيئي نوجوان ٻلي، ڪتي، گڏھ ۽ ٻين جانورن کي بلاوجه ماري رهيا هوندا آهن بلڪه بعض علائقن ۾ جھرڪي، ڪبوتر، طوطا ۽ ٻي ننڍي ننڍي مخلوق کي پڪڙي قيد ڪيو ويندو آهي، يا انهن کي ٻڌي خوب کيل تماشو ڪيو ويندو آهي، والدين کي گھرجي ته پنهنجي اولاد کي اهڙا ڪم ڪرڻ کان منع ڪن ڇوته حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ قيد ڪرڻ کان منع فرمايو آهي۔ (مسلم،ڪتاب الصيد،باب النھي عن…الخ ، حديث:۵۰۵۷، ص۸۳۲)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدني دورو‘‘
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دلين کي نرم ڪرڻ ۽ نيڪ ماڻهن جي سيرت اپنائڻ، جانورن تي رحم ڪرڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ هفتيوار مدني ڪم ”مدني دوره“ به آهي. ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ته اهڙو اَهمّ فَريضو آهي جو سڀني ئي اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام بلڪ خُود سيدُالانبياء، محبوبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي به انهيءَ مَقصَد جي لاءِ دُنيا ۾ موڪليو ويو، انهن مُقدَّس هستين کوڙ مُشڪلاتون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون پر نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ بُرائي کان روڪڻ جي هن عظيم فريضي کي بخُوبي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami