Share this link via
Personality Websites!
گھرجي ته بروزِ قيامت جيڪڏهن بدلو ورتو ويو ۽ ان ظُلم جي سبب جنت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو ته ان وقت ڇا ڪنداسين؟ تنهنڪري پاڻ به جانورن تي ظلم ڪرڻ کان بچو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ظلم ڪندي ڏسو ته ان کي آخرت جي عذاب کان ڊيڄاريندي روڪڻ جي ڪوشش ڪريو ڇوته اسان جي بزرگانِ دين جي اڳيان ڪنهن جانور تي ظلم ٿيندو هو ته هڪدم ان کي روڪي ڇڏيندا هئا، جيئن ته
هڪ ڀيري اميرُالمُومِنِين، حضرت سيدنا فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هڪ شخص کي ڏٺائون جيڪو ٻڪري کي ذبح ڪرڻ لاءِ ان کي ٽنگ کان پڪڙي ڪري گهلي رهيو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ارشاد فرمايو؛ تنهنجي لاءِ خرابي ٿئي، ان کي موت ڏانهن سٺي انداز سان وٺي وڃ. (مُصَنَّف عَبْد الرَّزّاق،باب سنۃ الذبح،۴/ ۳۷۶،حديث: ۸۶۳۶)
اهڙي طرح حضرتِ سَيدُناعَبدُالله بن عمررَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْهمَا قريش جي ٻارن وٽان گذريا، اهي هڪ پکي کي ٻڌي ان تي پٿرن سان نشاني بازي ڪري رهيا هئا۔ جڏهن انهن پاڻ کي ايندي ڏٺائون ته ڀڄي ويا۔ پاڻرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه معلوم ڪيائون: اهو ڪنهن ڪيو آهي؟ رسولِ اَڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙي نموني (جانورن جو مُثلو ڪرڻ واري) تي لعنت فرمائي آهي۔
(بخاري،ڪتاب الذبائح والصيد،باب ما يڪره من المثلة... الخ ،۳ / ۵۶۳،حديث : ۵۵۱۵ )
حڪيم الامت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مثله جي لغوي معني آهي سخت سزا. اصطلاح ۾ مئل جا هٿ پير، اک نڪ وغيره ڪٽڻ کي مثله چئبو آهي.(مرآة المناجيح،5/267 بتصرف)
حضرتِ سَيدُنا عبدالله بن مسعود رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: اسان حضور رحمتِ عالمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هڪ سفر ۾ هئاسين، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قضاءِ حاجت جي لاءِ تشريف کڻي ويا ته اسان هڪ جھرڪي (Sparrow) ڏٺي جنهن جا ٻه ٻچا هئا، اسان انهن کي پڪڙي ورتو۔ جھرڪي آئي ۽ پر ڦرڪائڻ لڳي۔ سرڪار مدينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما ٿيا ۽ پڇيائون: ان کي ان جي ٻچن جي معاملي ۾ ڪنهن تڪليف پهچائي آهي؟ ان جا ٻچا موٽائي ڏيو۔ پوءِ پاڻ صَلَّى
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami