Share this link via
Personality Websites!
ڳئون کي جلد ”ٿڌو“ ڪرڻ لاءِ ذبح کان پوءِ ڪنڌ جي کل لاهي ڇري هڻي ڪري دل جون رڳون ڪٽيندا آهن، اهڙي طرح ٻڪر کي ذبح ڪرڻ کان فورًا بعد ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندا آهن، بي زبانن تي اهڙي طرح ظلم نه ڪيو وڃي، جنهن کان ٿي سگهي ان جي لاءِ ضروري آهي ته جانور کي بنا سبب تڪليف پهچائڻ واري کي روڪي، جيڪڏهن قدرت هئڻ جي باوجود نه روڪيندو ته پاڻ به گنهگار ۽ جھنم جو حقدار آهي.
ياد رکو: جانورن تي ظلم ڪرڻ مسلمان تي ظلم ڪرڻ کان وڌيڪ برو آهي، ڇو ته الله پاڪ جي سواءِ جانورن جو ڪو مددگار نه آهي.(ملخص ازبهارشريعت،3/660)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
ياد رکو! جهڙي طرح قرباني جي جانورن کي تڪليف ڏيڻ منع آهي اهڙي طرح ٻين جانورن ۽ حيوانات کي مارڻ، قيد ڪري بکايل اڃايل رکڻ، انهن جون ضرورتون پوريون نه ڪرڻ، انهن کان طاقت کان وڌيڪ ڪم وٺڻ، انهن کي ڏنڊن ۽ پٿرن سان ماري زخمي ڪرڻ يا انهن کي ساڙڻ به تمام وڏو ظلم ۽ ناجائز ۽ حرام ڪم آهي۔ ياد رکو! اسان ته انسان آهيون جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن طاقتور جانور به ڪنهن ڪمزور کي ماريو هوندو يا زخمي ڪيو هوندو ته بروزِ قيامت ان کان به بدلو ورتو ويندو جيئن ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ارشاد پاڪ آهي: قيامت جي ڏينهن سڀني جانورن کي آندو ويندو جڏهن ماڻهو بيٺل هوندا، پوءِ انهن وچ ۾ فيصلو ڪيو ويندو، ايستائين جو سڱن واري ٻڪري کان بغير سڱن واري ٻڪري جي لاءِ بدلو ورتو ويندو ۽ ماڪوڙي(ڪِول) کان ماڪوڙي جو بدلو ورتو ويندو، پوءِ سڀني کي چيو ويندو: مٽي ٿي وڃو۔ (موسوعۃ لابن ابي الدنيا،ڪتاب الاھوال،ذڪر الحساب…الخ، حديث:۲۲۴، ۶/ ۲۳۱)
غور ڪريو ته جڏهن بروزِ قيامت هڪ جانور کا ٻي جانور جو بدلو ورتو ويندو ته پوءِ جيڪڏهن ڪو انسان ڪنهن جانور تي ظلم ڪري، ان کي مارڪٽ ڪري، بُکايل اُڃايل رکي ته اهو ڪيتري قدر عذاب جو حقدار ٿيندو۔ جيڪي ماڻهو جانورن تي ظلم ڪن ٿا، رڳو تفريح (Enjoyment) جي لاءِ ڊوڙائيندا وتن، ويٺل جانور کي تنگ ڪري اٿارين ٿا، وڪڻڻ جي لاءِ جانورن جا ڏند ڪڍن ٿا، هر هر زور سان لگام ڇڪڻ جي ڪري جانورن جي وات ۾ زخم ڪن ٿا ۽ جانورن کي پاڻ ۾ وڙهائي زخمي ڪن ٿا انهن کي ڊڄڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami