Aik Zamana Aisa Aaey Ga

Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

وڃي، مختلف گناهن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ۽ انهن گناهن کان بچايو به وڃي۔

ڪٿي ائين نه ٿئي جو اهو وَقت (Time) اچي جنهن جي نشاندهي الله پاڪ جي مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي هئي ته جنهن ۾ سُنّت تي عمل ڪرڻ، دِين تي قائم رهڻ ۽ ان راھ ۾ ايندڙ تڪليفن تي صبر ڪرڻ گھڻو مشڪل هوندو۔ اچو! هن باري ۾ 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ پنهنجو پاڻ کي سُنّت جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو:

سُنّتون اپنائڻ وارو ٽانڊي جهلڻ واري وانگر هوندو

(1) اِرشاد فرمايائون: اَلْمُتَمَسِّكُ بِسُنَّتِي عِنْدَ اِخْتِلَافِ اُمَّتِي كَالْقَابِضِ عَلَى الْجَمْر يعني امت جي (فتني ۽) فساد جي وقت منهنجي سنّت تي عمل ڪرڻ وارو باهه جوٽانڊو جهلڻ واري وانگر هوندو۔  (نوادر الاصول، الاصل الثالث عشر،الجزء الاول، ص۶۸، حديث:۸۷)

(2) اِرشاد فرمايائون: يَاْتِي عَلَى النَّاسِ زَمَانٌ الصَّابِرُ فِيْهِمْ عَلٰى دِينِهٖ كَالقَابِضِ عَلَى الجَمْرِ يعني ماڻهن تي اهڙو زمانو ايندو جو انهن ۾ پنهنجي دين تي صبر ڪرڻ وارو ٽانڊو جهلڻ واري جيان هوندو۔ (ترمذي، ڪتاب الفتن،باب ما جاء في النھي عن سب الرياح،۴/ ۱۱۵،حديث: ۲۲۶۷)

حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بيان ڪيل حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا؛ ”اهو زمانو قيامت جي ويجھو هوندو جنهن جي شروعات اڄ ٿي چڪي آهي۔ اڄڪلھ ديندار بڻجي رهڻ مشڪل آهي۔ اڄ ڏاڙهي رکڻ، نماز جي پابندي ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي۔ وياج کان بچڻ ته تقريبًا ناممڪن ئي آهي۔“ وڌيڪ فرمائن ٿا؛ ”جيئن هٿ ۾ ٽانڊو رکڻ تمام وڏي صبر واري جو ڪم آهي اهڙي طرح ان وقت مخلص، ڪامل مسلمان بڻجڻ سخت مشڪل ٿي پوندو۔“    (مرآۃالمناجيح، ۷/۱۷۲ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد