Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                           نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101 مدني گل صفحي نمبر27 تان سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي؛ ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪري ۽ پلڪون وڌائي ٿو“۔ ( ابن ماجه،۴/ ۱۱۵ ،حديث :۳۴۹۷ )

٭ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ (فتاويٰ هنديه،۵ /۳۵۹) ٭ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مرآۃالمناجيح ،۶/۱۸۰) ٭ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔ (شعب الايمان ج 5 ص 218، 219) اهڙي طرح ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔ ٭ تڪريم جا جيترا به ڪم هوندا هئا اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان سرمو ساڄي اک ۾ پوءِ کاٻي اک ۾ پايو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد