Aik Zamana Aisa Aaey Ga

Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

هاڻي ته ديني معاملن ۾ به ماڻهو پنهنجو غرض ۽ پنهنجو مفاد تلاش ڪندا وتندا آهن مثال طور سلام کي ئي وٺو، جيڪو اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سنّت مبارڪ آهي بلڪ ابوالبشر حضرت سيدنا آدم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي به سنّت آهي۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 313) پر بدقسمتي سان اڄڪلھ ماڻهن جي اڪثريت انهيءَ سنّت کان غافل نظر اچي پئي۔ عام مشاهدو آهي ته جنهن سان ڄاڻ سڃاڻ نه هجي، ان کي ته سلام ڪرڻ گوارا ئي نٿو ڪيو وڃي، ايستائين جو جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ڪنهن جاءِ ته موجود هجن ته نئون ايندڙ پنهنجي ٻين مسلمان ڀائرن کي نظر انداز ڪري خاص خاص ماڻهن کي يا صرف ۽ صرف ان شخص کي سلام ڪندو آهي جنهن کي اهو سڃاڻي ٿو ۽ اهو به ڪنهن نه ڪنهن مفاد جي ڪري.

بهرحال اسان کي گھرجي ته اسان سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سِينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن پياري پياري سُنّت تي عمل ڪندي هر مسلمان کي سلام ڪريون چاهي اسان ان کي سڃاڻندا هجون يا نه . روزانو پابندي سان فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني اِنعامات جو رِسالو ڀرڻ به سلام کي عام ڪرڻ ۽ سلام جي سُنّت تي اِستقامت ماڻڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي، جيئن مدني انعام نمبر 6 ۽ مدني انعام نمبر 9 ۾ ان جي ترغيب موجود آهي۔

 میں بن جاؤں سراپا’’مَدَنی اِنعامات ‘‘کی تصویر

بنوں  گا  نیک یااللہ اگر  رحمت  تِری   ہوگی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي مَحَبَّت حاصِل ڪرڻ جو طريقو ڄاڻڻ، سلام ڪرڻ جي عادت بنائڻ ۽ مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ