Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga
حضرت سَيدُنا اِبراهيم تَيمِي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: مان مَوت ۽ (مرڻ کان بعد هڏين جي) بوسيدگي کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ڪثرت سان قَبرِستان ۾ ايندو ويندو هئس، هڪ رات مان قَبرِستان ۾ هئس ته مون تي ننڊ غالِب اچي وئي ۽ مان سمهي پيس، مون خواب ۾ هڪ کليل قَبر ڏٺي ۽ هڪ چوڻ واري کي اهو چوندي ٻڌو: اها زنجير پڪڙيو ۽ ان جي وات ۾ داخِل ڪري ان جي شَرَمگاھ مان ڪڍو۔ ته اهو مُردو چوڻ لڳو: اي ربِّ ڪريم! ڇا مون قرآن ناهي پڙھيو؟ ڇا مون تنهنجي حُرمَت واري گھر جو حج (Hajj) ناهي ڪيو؟ پوءِ هو اهڙي طرح هڪ کان بعد ٻي نيڪي ڳڻائڻ لڳو ته مون ٻڌو: تون ماڻهن جي اڳيان اهي عمل ڪندو هئين پر جڏهن تون تنهائي ۾ هوندو هئين ته نافرمانين جي ذريعي مون سان مُقابَلو ڪندو هئين ۽ تو منهنجو ڪجھ خيال نه ڪيو۔
(الزواجر،مقدمۃ في تعريف الڪبيرۃ، ۱/۳۱ )
چُھپ کے لوگوں سے کیے جس کے گناہ وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے
کام زِنداں کے کیے اور ہمیں شوقِ گلزار ہے کیا ہونا ہے
اشعارجي مختصر وضاحت: يعني توهان پنهنجي گمان ۾ ماڻهن کان لڪي لڪي گناهه ڪندا آهيو پر سوچو! الله پاڪ کان ڪيئن لڪندؤ؟ ڇو ته اهو توهان جي حال جي خبر رکندو آهي. اسان جي سوچ به ڪهڙي ٻارن واري آهي جو ڪم ته قيد خاني ۾ رهڻ جا آهن ۽ اميدون جنت جي باغن ۾ وڃڻ جون رکيا ويٺا آهيون.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! الله پاڪ جي عِلاوه ڪنهن ٻي جي لاءِ عمل ڪرڻ ڪيتري قدر تباھ ڪن آهي جو ان جي نحوست جي ڪري وڏيون وڏيون نيڪيون به ضائع ٿي وينديون آهن۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي ظاهر