Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga
آهي۔ الله پاڪ ۽ رسول (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي خاطر سڀ ڪجھ برداشت ڪندو آهي۔ ان جو جهاد، جهادِ اڪبر(نفس جي خلاف جهاد) آهي جيئن هن زماني ۾ ڏاڙهي رکڻ، وياج کان بچڻ وغيره۔“ (مرآۃالمناجيح،۱/۱۷۳)
اي عاشقانِ رسول! اهو ذهن بڻائي وٺو ته چاهي ڪجھ به ٿئي اسان کي دامنِ مُصطفيٰ ناهي ڇڏڻو۔
زمانہ رُوٹھ جائے چھُوٹ جائے خلق تو کیا غم نہ چُھوٹے ہاتھ سے دامن تمہارا یا رسول اللہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايندڙ زماني ۾ ظاهر ٿيڻ وارن فتنن جي باري ۾ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ” آخري زماني ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به ٿيندا جيڪي ظاهر ۾ دوست هوندا ۽ باطن ۾ (اندروني طور) دشمن“ عرض ڪيو ويو؛ ”يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو ڇاجي ڪري هوندو؟“ ارشاد فرمايائون؛ ”(پنهنجي دنيا کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ) هڪ ٻئي جي طرف رغبت (لالچ) ۽ هڪ ٻئي کان ڊڄڻ جي ڪري هوندو۔“
(مسند احمد،مسند الأنصار،۸/ ۲۴۴، حديث: ۲۲۱۱۶)
حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بيان ڪيل حديث پاڪ تحت فرمائن ٿا؛ ”قيامت جي ويجهو اهڙا ماڻهو(ظاهر) ٿيندا جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهري طور پسند ڪندا ته جيئن ماڻهو انهن جي واھ واھ ڪن۔ اڪيلائي ۾ يا ته عمل ڪندا ئي نه يا ڪندا ته معمولي طريقي سان۔ (وڌيڪ فرمائن ٿا ته) انهن ماڻهن جي دلين ۾ الله پاڪ جو خوف، الله پاڪ جي ذات ۾ اميد نه هوندي يا گھٽ هوندي، ماڻهن جو خوف، ماڻهن ۾ اميد انهن تي غالب هوندي۔ هن فرمان عاليشان ۾ عالمن، عابدن (عبادت گذار)، زاهد (دنيا کان بي رغبت رکندڙ)، سخي (سخاوت ڪندڙ)، مجاهد وغيره سڀئي داخل آهن۔ هر عمل