Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga
الله ڪريم اسان کي مسجد جي آداب کي ملحوظِ خاطِر رکڻ جي تَوْفِيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته
٭ هڪ زمانو اهڙو ايندو جو دين تي هلڻ مشڪل ٿي ويندو.
٭ هڪ زمانو اهڙو ايندو جو انسان کي هن ڳالھ جي ڪا پروا نه هوندي ته ان مال حرام کان حاصِل ڪيو يا حلال کان۔
٭ هڪ زمانو اهڙو ايندو جو دِين تي صَبر ڪرڻ وارو ٽانڊو جهلڻ واري وانگر هوندو ۔
٭ آخري زماني ۾ ڪجھ ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي ظاهر ۾ دوست ۽ باطِن ۾ دشمن هوندا۔
٭ قِيامت قائم نه ٿيندي ايستائين جو زُهد رِوَايتي ۽ تَقويٰ بَناوَٽي طور رهجي ويندا۔
٭ هڪ زمانو اهڙو ايندو جو ماڻهو مسجدن ۾ دُنياوي ڳالهيون ڪندا۔
الله پاڪ اسان کي هر طرح جي فتني کان محفوظ فرمائي ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ اڄوڪو دور فتنن سان ڀريل آهي، هر گزرندڙ