Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
بَرَڪت ۽ نُزولِ رَحمت جي لاءِ مڪي شريف جي ڪن خُصوصيتن جي باري ۾ ٻڌو ۽ پنهنجي دل ۾ هن پاڪيزه شهر جي عظمت وڌيڪ وڌائڻ جو سامان ڪريو، جيئن ته
(1) نبي ڪريم صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا.
سروَرِ عالم صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت گاهه
حضرت علامه قطبُ الدينعَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ المُبِين فرمائن ٿا؛ حضور اڪرم صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادت گاهه وٽ دعا قبول ٿيندي آهي۔ (بلد الامين ص 201) خليفي هارون رشيد رَحْمَةُ اللہ تَعَالٰی عَلَيْه جي والده هتي مسجد تعمير ڪرائي هئي۔ اڄڪلهه ان مُقدّس جڳهه تي لائبريري (Library) قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان تي بورڊ لڳل آهي: ”مڪتبة مڪة المڪرمة“(عاشقانِ رسول ڪي 130حڪايات،ص۲۳۷)
(2) پياري آقا صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دين اسلام جي تبليغ جو آغاز به هتان کان فرمايو.
(3) هتي ئي ڪعبو شريف آهي، ان جو ئي طواف ڪيو ويندو آهي ۽ نماز ۾ سڄي دنيا ۾ هن جي ئي طرف منهن ڪيو ويندو آهي. اچو! طوافِ ڪعبه جي فضائل تي مشتمل 3 فرامين مصطفٰي صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿيون:
1. جنهن ڳڻي ڪري طواف جا 7 ڦيرا ڪيا ۽ پوءِ 2 رڪعتون ادا ڪيون ته هي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي ۽ طواف ڪندي انسان جي هر قدم جي بدلي ۾ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ ان جا ڏهه گناهه مٽايا ويندا آهن ۽ ڏهه درجا بلند ڪيا ويندا آهن. (مسند امام احمد بن حنبل، ج۲ص۲۰۲حدیث۴۴۶۲)
2. جيڪو بيت اللہ جي طواف جا 7 ڦيرا ڪري ۽ ان ۾ ڪا لغو (يعني بيهوده) ڳالهه نه ڪري ته هي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي.
(المعجم الکبیر،ج۲۰،ص۳۶۰حدیث۸۴۵)
3. جنهن 50 ڀيرا بيت اللہ شريف جو طواف ڪيو ته اهو گناهن مان ايئن نڪري ويو جيئن ان ڏينهن (پنهنجي) ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو هو.
(جامع التر مذی،ابواب الحج،باب ماجاءفی فضل الطواف، حدیث ۸۶۶، ص ۱۷۳۳)
(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص81)
4. مسجد الحرام شريف مڪه مڪرمه ۾ آهي جنهن ۾ هڪ نماز جو ثواب هڪ لک