Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
اڏامندو وڃي رهيو جڏهن ڪعبي شريف کان گزريو ته ڪعبو رنو ۽ اللہ پاڪ جي حضور عرض ڪيو ته هڪ نبي تنهنجي انبياء مان ۽ هڪ لشڪر تنهنجي لشڪرن مان گزريو نه مون تي لٿو، نه نماز پڙهي. ان تي ارشادِ باري تعالٰي ٿيو: نه رؤ! مان تنهنجو حج پنهنجي ٻانهن تي فرض ڪندس جيڪي تنهنجي طرف ائين ٽٽندا جيئن پکي پنهنجي آکيرن ۾ ۽ ائين روئندي ڊوڙندا جيئن ڏاچي پنهنجي ٻار جي شوق ۾ ۽ تو ۾( يعني تنهنجي شهر) ۾ نبيِ آخرُالزّمان صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيدا ڪندس جيڪو مون کي سڀني انبياء عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کان وڌيڪ پيارو آهي. (تفسیر بغوی ج۳ ص ۳۵۱ ملخّصاً)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!ٻڌو اوهان ته! اللہ پاڪ مَڪي پاڪ کي ڪيترين عظيمُ الشان خُصوصيتن ۽ بَرڪتن سان نوازيو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان دنياوي پريشانين ۾ ڦاٿل رهڻ جي بدران حَرَمَين طَيّبَين جي حاضِري جي لاءِ ڪوششون جاري رکون، هن لاءِ اللہ پاڪ جي بارگاھ ۾ روئي ٻاڏائي دُعائون گھرون، هن اُمّيد تي ته ڪڏهن ته ڪرم وارو در کلندو، ڪڏهن ته اسان کي سڏ ٿيندو، ۽ ڪڏهن ته اسان جو نالو به حاجياڻين جي فهرست(List) ۾ شامل ٿيندو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مَڪي شريف کي صِرف اهو ئي هڪ شَرَف حاصِل هجي ها ته به ان جي شان ۽ عظمت جي لاءِ ڪافي هو جو هن مبارَڪ سَرزمين تي بَيتُ اللہ شريف جَلوَه گَر آهي پر قربان وڃجي جو ان جي علاوه به ان پُرنُور شهر جون فضيلتون ۽ خصوصيتون ايتري قدر گھڻيون آهن جو دل چاهيندي آهي، بس بَيان ڪندا ۽ ٻڌندا ئي رهون ڇوته هن مُقَدَّس شهر(Holy City) ۾ جڳھ جڳھ پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن پيارا صحابَه ڪرام رَضِىَ اللّٰه تَعَالٰى عَنْهم سان نسبت رکندڙ مُقَدَّس ۽ يادگار مسجِدون، کوھ، غارون، تعميرات ۽ مزارات وغيره موجود آهن۔ اچو! حُصولِ