Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماء.“ ته ڪعبو شريف هڪ آواز ٻڌندو: ”مون تنهنجي درخواست قبول فرمائي.“ حضرت سيدنا وهب بن منبه رَضِىَ اللہ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”پوءِ مڪي پاڪ ۾ دفن ٿيڻ وارن کي اٿاريو ويندو جن جا چهرا
سفيد هوندا. اهي سب احرام جي حالت ۾ ڪعبي جي ويجهو ٿي ڪري تلبيه (يعني لبيڪ) چئي رهيا هوندا. پوءِ ملائڪ چوندا: ”اي ڪعبا!هاڻي هل.“ ته اهو چوندو: ”مان نه هلندس، جيسيتائين منهنجي درخواست قبول نه ڪئي وڃي.“ ته آسمان جي فضا مان هڪ ملائڪ پڪاريندو تو گهر توکي ڏنو ويندو. ته ڪعبو شريف چوندو: ”اي اللہ پاڪ تنهنجا گناهگار ٻانها جيڪي جمع ٿي پري پري کان مٽي سان ڀريل مون وٽ آيا. انهن پنهنجي اهل و عيال ۽ احباب کي ڇڏي، انهن فرمانبرداري ۽ زيارت جي شوق ۾ نڪري ڪري تنهنجي حڪم جي مطابق حج جا مناسڪ ادا ڪيا، ته مان توکان سوال ڪيان ٿو ته انهن جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماء، انهن کي قيامت جي گهٻراهٽ کان امن ۾ رک ۽ انهن کي منهنجي چوڌاري جمع ڪري ڇڏ.“ ته هڪ فرشتو ندا ڏيندو: اي ڪعبا! انهن ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جن تنهنجي طواف کان پوءِ گناهه ڪيا هوندا ۽ انهن تي اسرار ڪري پنهنجو پاڻ تي جهنم واجب ڪري چڪا هوندا ته ڪعبو شريف عرض ڪندو اي اللہ پاڪ! انهن گناهگارن جي حق ۾ به منهنجي شفاعت قبول فرماء جنهن تي جهنم واجب ٿي چڪو آهي: ته اللہ پاڪ فرمائيندو: ”مون انهن جي حق ۾ تنهنجي شفاعت قبول ڪئي.“ ته اهو ئي فرشتو ندا ڪندو: جنهن ڪعبي جي زيارت ڪئي هئي اهو ٻين ماڻهن کان جدا ٿي وڃي. اللہ پاڪ انهن سڀني کي ڪعبي جي چوڌاري جمع ڪندو انهن جا چهرا سفيد هوندا ۽ اهي جهنم کان بي خوف ٿي ڪري طواف ڪندي تلبيه چوندا. پوءِ فرشتو پڪاريندو: اي ڪعبة اللہ هل. ته ڪعبو شريف (هن طرح) تلبيه چوندو: ” لَبَّیْکَ اَللّٰھُمَّ لَبَّـیْکَ، وَالْخَیْرُ کُلُّہٗ، بِیَدَیْکَ، لَبَّـیکَ لَا شَرِیْکَ لَکَ لَبَّـیْکَ، اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ لَکَ وَالْمُلْکَ لَا شَرِیْکَ لَکَ “ پوءِ فرشتا ان کي ڇڪي ميدانِ محشر تائين وٺي ويندا. (الروض الفائق ص۶۶)
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”ملفوظاتِ اعلٰي حضرت“ صفحه 130 تي آهي: حضرت سليمان عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو تخت هوا تي