Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat
ارشاد فرمايائون؛ لَایَدْخُلُ الدَّجَّالُ مَکَّۃَ وَلَا الْمَدِیْنَۃَ يعني مڪي ۽ مديني ۾ دجال داخل نه ٿيندو۔ (مسند احمد بن حنبل ج 10 ص 85 حديث 26106)
ارشاد فرمايو: جنهن شخص جي حجّ يا عمري جي نيّت هئي ۽ ان حالت ۾ ان کي حَرَمَين (يعني مڪي يا مديني ۾) موت اچي ويو ته اللہ تعاليٰ ان کي قيامت جي ڏينهن اهڙي حالت ۾ اٿاريندو جو ان تي نه حساب هوندو ۽ نه عذاب، هڪ ٻي روايت ۾ آهي؛ بُعِثَ مِنَ الاٰمِنِیْنَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ يعني اهو قيامت جي ڏينهن امن وارن ماڻهن ۾ اٿاريو ويندو۔ (مصنف عبدالرزاق،۹/۱۷۴،حديث:۱۷۴۷۹)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! شهرِ محبوب يعني مڪه مڪرمه ۾ فضيلت ۽ برڪت وارا تمام گهڻا مقام موجود آهن پر ان سڀني مان ڪعبي شريف کي سڀني کان وڌيڪ فضيلت حاصل آهي. اچو! حصولِ برڪت جي لاءِ خانه ڪعبه جي شان ۽ عظمت ملاحظه فرمايو، جيئن ته
ڪعبو سوني جي زنجيرن ۾ ٻڌي ڪري محشر ۾ آندو ويندو
حضرت سيدنا وهب بن منبه رَضِىَ اللہ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”تورات شريف“ ۾ آهي ته اللہ پاڪ بروزِ قيامت پنهنجي 7 لک مقرب فرشتن کي موڪليندو جن مان هر هڪ جي هٿ ۾ سون جي هڪ زنجير هوندي. اللہ پاڪ فرمائيندو: ”وڃو! ۽ ڪعبي کي ان زنجيرن ۾ ٻڌي ڪري محشر ڏانهن آڻيو“ فرشتا ويندا ان کي زنجيرن کان ٻڌي ڇڪيندا ۽ هڪ فرشتو پڪاريندو: ”اي ڪعبة اللہ ! هل“ ته ڪعبو مبارڪ چوندو: ”مان نه هلندس جيسيتائين منهنجو سوال پورو نه ٿي وڃي“ آسمان جي فضا مان هڪ فرشتو پڪاريندو ”تون سوال ڪر“ ته ڪعبو بارگاهه الٰهي ۾ عرض ڪندو؛ ”اي اللہ پاڪ! تو منهنجي ڀرسان دفنايل مومنن